نيشنل گيمز آرمي جي سرسي سان ختم، بلاول ۽ سي ڊي ايف شريڪ

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ 35 هين  نيشنل گيمز  پاڪ  آرمي جي سرسي سان ختم ٿي ويون، پڄاڻي واري تقريب ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير مهمانِ خاص هو .6 کان 13 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ نيشنل گيمز جي اختتامي تقريب نيشني بينڪ اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿي. چيئرمين پاڪستان  پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ مراد علي شاهه ۽راندين جو وزير محمد بخش مهر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري فيلڊ مارشل عاصم منير کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جو رواجي تحفو پڻ پيش ڪيو. آرمي مجموعي طور تي 353 ميڊلز سان قائداعظم ٽرافي جي فاتح ٿي، واپڊا 232 ۽ نيو ي 110 ميڊلز سان ٻئي ۽ ٽئين پوزيشن تي رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.