ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي طرفان ڪراچي ۾ نمائش چورنگي وٽ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جماعت اسلامي ڪراچي طرفان شهر ۾ هيوي ٽريفڪ حادثن سبب شهرين جي موت بدامني خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جماعت اسلامي اڳواڻ منعم ظفر جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ معصوم شهرين جي موتن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي پوليس ۽ صوبائي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي، اقتدار ڌڻي ٻڌائين ته هيوي ٽريفڪ سبب حادثن تي هو ڇو خاموش آهن، هن چيو ته پيپلزپارٽي جو ميئر ۽ صوبائي حڪومت ڪراچي کي جائز حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي، تمام جلد ايندڙ حڪمت عملي بابت اعلان ڪيو ويندو.