اين ايف سي ايوارڊ خيرات ناهي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي فنڊ ملڻ گهرجن:نواز شريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ خيرات ناهي، اهو ته حق آهي، وزيراعظم کان چونڊيل گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ڏيڻ لاءِ درخواست ڪندس. لاهور ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي پارٽي اڳواڻن سان خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته چونڊن جي ٽڪيٽ جي ورڇ لاءِ ميرٽ ضروري آهي، ميرٽ هميشه اسان جو نصب العين رهيو آهي، هن فيصلي جي خلاف ورزي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان جو پارلياماني بورڊ سڀني اميدوارن کي ٻڌڻ کان پوءِ ٽڪيٽ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ اسان جو هميشه دستور اهو رهيو آهي ته پارٽي ٽڪيٽ ميرٽ تي ڏنو وڃي، پاڪستان جون قومي چونڊن ۾ هجن يا ڪنهن صوبي جون هجن. اسان هميشه ميرٽ تي سوديبازي ناهي ڪئي، پراڻن ساٿين کي ميرٽ تي ٽڪيٽ ڏني ويندي. هن چيو ته هر  اميدوار کي ٻڌو ويندو، ميرٽ تي فيصلو ٿيندو، پارٽي جي اصولن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڪيترائي ماڻهو ٽڪيٽ لاءِ ايندا، اسان کي اهو سمجھڻ گهرجي ته ڪير پنهنجو آهي ۽ ڪير پرائو، اميدوارن جي فتح لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.نواز شريف جو چوڻ هو ته اسان جنهن طرح صوبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي، ان جي مقابلي ۾ اين ايف سي ايوارڊ پوء پوء پٺتي رهجي ويندو، اين ايف سي ايوارڊ وفاقي حڪومت کي پاڻ درخواست ڪرڻ گهرجي، جيئن اين ايف سي ايوارڊ کان وڌيڪ پئسا ته اڳي ئي خرچ ڪري چڪا آهيون.هن چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ وفاق جيڪڏهن پيسا ڏيندو آهي ته انهن پيسن جو استعمال ٺيڪ طريقي سان نه ٿيندو آهي، اين ايف سي ايوارڊ جي پيسن جي استعمال جي سمجهه  پڻ ضروري آهي، اين ايف سي ايوارڊ خيرات ناهي، اهو حق آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ملڻ گهرجن، وزيراعظم کان درخواست ڪندس ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ڏنا وڃن.نواز شريف جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ راءِ عامه بهتر نظر اچي ٿي، فضا به سٺي آهي، ان لاءِ چونڊن ۾ نتيجو به سٺو اچڻ گهرجي، ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي، قبضه مافيا ۽ حددخلين جو خاتمو ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.