لاهور( امداد سومرو)جنرل فيض حميد کي سزا ملي،يا ان کان اڳ ٻه وڏيون آئيني ترميمن کي نافذ ڪيو ويندو، ۽ پوءِ عمران خان کي به ختم ڪيو ويندو؟ڪيترائي ماڻهو دعويٰ ڪري رهيا آهن ته موجوده سسٽم هن ريت نٿو هلي سگهي، ۽ هاڻي تبديلين جو سوچيو پيو وڃي. جيڪڏهن 28هين آئيني ترميم منظور ٿئي ته ٺيڪ، نه ته نئون نظام آندو ويندو، جنهن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪنهن سياسي جماعت کي آندو ويندو ۽ ان ذريعي آئيني ترميمون پنهنجي مرضي مطابق ڪرايون وينديون.پاڪستان ۾ موجوده نظام اهڙي طرح نه هلي سگهي. اندروني طور گهڻيون خرابيون آهن، جيتوڻيڪ ظاهر ۾ سڀ ٺيڪ لڳي ٿو. مڪمل اختلاف يا وڏو تڪرار نه آهي، پر اهڙي حد تائين معاملا اچي چڪا آهن جو مستقبل ۾ سسٽم ڌڪ کائي ڪري ڊهي سگهي ٿو،پيپلز پارٽي 26هين ترميم ۾ ڪجهه راضپو ڏيکاريو، پر 28هين ترميم ۽ اين ايف سي ۾ راضي نه ٿي، خاص ڪري وفاق کي اضافي اختيار ڏيڻ يا صوبن جا تحفظ ختم ڪرڻ تي.بلاول ڀٽو زرداري تازو گورنر هائوس لاہور ۾ ملاقاتون ڪيون، جتي هن واضح ڪيو پيپلز پارٽي هاڻي وڌيڪ راضي نه ٿي ٿي سگهي، ۽ اين ايف سي ۽ صوبائي خودمختياري جي معاملي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. موجوده صورتحال ۾، سسٽم هلائڻ ۽ آئيني ترميمون ڪراڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ طاقتور موقف اختيار ڪرڻو پوندو..ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بجيٽ پاس ٿيڻ کان پوءِ اصل سياسي راند شروع ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ حڪومت، صدر، ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حڪمت عملي اهم ڪردار ادا ڪندا.