سجاول/ ميرپور بٺورو (نمائندن وٽان) سجاول ۾ پ پ جي صوبائي وزير جي ڪچهري بدنظي جو شڪار بڻجي وئي، کليل ڪچهري دوران پ پ سان لاڳاپيل ضلعي ڪائونسل سجاول جي چيئرمين خلاف دانش ملڪاڻي آواز اٿارڻ تي دڙي واسي پيرسن کي صوبائي وزير، ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سجاول اڳيان وحشياڻو تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو، معاملو سوشل ميڊيا ۽ سنڌ اسيمبلي فلور جي زينت بڻيل ليڪن ضلعي سجاول جي انتظاميا معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل رهي، جڏهن ته معاملي جو ڪيس داخل ڪري چار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن ٿيندڙ کليل ڪچهري دوران دڙي واسي رجب ميمڻ تي ٿيندڙ وحشياڻي تشدد وارو معاملو سوشل ميڊيا ۽ اسيمبلي فور جي زينت بڻيل رهيو، سجاول ضلعي جي عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ پ پ جي صوبائي وزير شاهينا شير علي پاران شايان هال ۾ عوامي کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي هئي جنهن ۾ هيلٿ کاتي جي رٽائرڊ ملازم دڙي واسي رجب ميمڻ پاران صوبائي وزير شاهينا شير علي اڳيان پ پ سان لاڳاپيل ضلعي ڪائونسل سجاول جي چيئرمين خلاف شڪايت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُتي موجود ڪجهه ماڻهن پاران کيس وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪيندي کيس پوليس ۽ صوبائي وزير جي موجودگي ۾ مارڪٽ جو سلسلو شروع ڪندي مٿس لتن مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ کيس وحشياڻو تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو، صوبائي وزير تشدد جو نشانو بڻجندڙ پيرسن کي ڇڏائڻ جون دانهون ڪندي رهي ليڪن کليل ڪچهري ۾ موجود ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سجاول سميت ٻيا عملدار صرف تماشو ڏسندا رهيا جنهن ڪري عوامي کليل ڪچهري بدنظمي جو شڪار ٿي وئي، سجاول ۾ کليل ڪچهري دوران دڙي واسي رجب ميمڻ تي ٿيندڙ وحشياڻي تشدد واري معاملي تي ضلعي جي عوام سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پيپلزپارٽي تي سخت تنقيد جو سلسلو ڪندي مختلف سوشل ميڊيا تي پوسٽون وائرل ڪيون پيون وڃن ته پيپلزپارٽي ضلعي سجاول ۾ وڏيرن ۽ ڀوتارن جي پارٽي بڻجي وئي آهي جنهن ڪري کليل ڪچهري ۾ کليل دهشتگردي ڪئي وئي ليڪن ضلعي انتظاميا پيرسن تي صوبائي وزير ۽ پوليس جي ٻالا آفيسرن اڳيان دڙي واسي رجب ميمڻ تي حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائيندڙن ۽ انهن جي سهولت ڪارن خلاف اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي نه ئي معاملي جو ڪو ڪيس داخل ڪيو آهي جيڪا سراسر زيادتي ۽ وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي، ضلعي سجاول جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته دڙي واسي پيرسن رجب ميمڻ تي حملو ڪندڙ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي واضح رهي ته ضلعي سجاول ۾ ڪجهه سال اڳ به پ پ صوبائي وزير جي ڪوٺايل کليل ڪچهري ۾ پ پ جيالي کي شڪايت ڪرڻ تي ڪٽڪو ڏئي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، ٻئي پاسي سجاول ۾ کليل ڪچھري ۾ بدنظمي ۽ پيرسن رجب ميمڻ تي حملي جو ڪيس چارڄاتل جوابدارن ۽ 10 کان 12 نامعلوم جوابدارن تي سرڪار جي مدعيت ۾ سجاول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ايس ايس پي علينا راڄپر جي سخت ھدايتن تي کلي ڪچھري ۾ ٿيل واقعي جا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سجاول پوليس مختلف ھنڌن تي ڪارروايون ڪندي چار جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ رضا محمد جت، ولي محمد جت، سبقت الله جت ۽ نورمحمد جت شامل آهن پوليس ڪيس داخل ڪندي چار جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته اڻڄاتل جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪارروايون جاري آهن.
وزير جي کليل ڪچهري ۾ پيرسن کي فٽبال وانگر ڪٽيو ويو:اپوزيشن ليڊر
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سجاول ۾ صوبائي وزير جي کليل ڪچهري دوران پيرسن مٿان تشدد تي بحث ٿيو، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته سجاول ۾ ڪالهه کليل عدالت ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، صوبائي وزير جي کليل عدالت ۾ هڪ پيرسن شخص کي فٽبال وانگر تشدد ڪيو ويو، شڪايت ڪرڻ تي پوليس جي موجودگي ۾ ڪجهه ماڻهن طرفان ان شخت مٿان تشدد ڪيو ويو، سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي هر ضلعي ۾ عوامي مسئلا ٻڌا پيا وڃن. هر وزير هر شهر ۾ وڃي ٿو ۽ کليل عدالت ۾ عوامي شڪايتون ٻڌي ٿو ۽ انهن کي حل ڪري ٿو، ڪالهه هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، هن بزرگ جو زمين جو مسئلو هو، پوليس ان کي ڪنٽرول ڪيو ۽ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جيڪو به ذميوار ثابت ٿيندو اهو سزا کان بچي نه سگهندو. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر 15 ڊسمبر تي 12:00 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
ضلعي چيئرمين مون کي مارائڻ چاهي ٿو: رجب ميمڻ
سجاول: سجاول ۾ صوبائي وزير شاهينا شير علي جي کليل ڪچهري ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين خلاف شڪايت ڪندڙ پيرسن رجب ميمڻ تي تشدد ڪيو ويو، تشدد جو شڪار بڻيل پيرسن رجب ميمڻ جو چوڻ آهي ته کليل ڪچهري ۾ مون مٿان تشدد پيپلز پارٽي جي منهن تي چماٽ آهي، زمين لاءِ پاڻي نه ملڻ جي شڪايت تي تشدد ڪيو ويو، خدشو آهي ته مون کي گهر پهچڻ به نه ڏنو ويندو، مون کي ماريو ويندو، هن چيو ته ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي مون کي مارائڻ چاهي ٿو، منهنجو سالن کان زمين جو مسئلو هلي رهيو آهي، منهنجي حياتي کي خطرا آهن، ضلعي چيئرمين ۽ ان جي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪرڻ سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
پيرسن مٿان تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي:هير سوهو
ڪراچي: سجاول ۾ صوبائي وزير جي کليل ڪچهري دوران پيرسن رجب ميمڻ مٿان تشدد جو معاملو سنڌ اسيمبلي به پهچي ويو، پ پ اڳواڻ هير سوهو جو چوڻ آهي ته کليل ڪچهري ۾ پيرسن مٿان تشدد ڪندڙن خلاف ڪيس ٿي رهيو آهي، ڪير به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، هن چيو ته رجب ميمڻ مٿان تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيندي، پيپلزپارٽي عوام جا مسئلا حل ڪري رهي آهي.
کليل ڪچهري ۾ دڙو واسي رجب ميمڻ تي تشدد خلاف احتجاج
سجاول: سجاول ۾ رکيل صوبائي وزير شاھينا شير علي جي کلي ڪچهري ۾ ضلعي ڪائونسل چئرمين خلاف زمين تي قبضي جي شڪايت ڪرڻ تي دڙو واسي رجب ميمڻ تي پنڊال ۾ حملو ڪندڙن خلاف شھري اتحاد سجاول پاران مامون لاڏو چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ سجاول سجاول وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ اڳواڻن نثار احمد ميمڻ، اياز ميمڻ، مولوي اشرف ميمڻ، رشيد آزاد، محمد خان پٺاڻ، جمن سنڌي ۽ ٻين چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪرپٽ پارٽي آھي صوبائي سرڪار جو ھر ادارو ھر ڪامورو چونڊيل نمائندا ڪرپشن ڪرڻ سميت عوام سان ناانصافي بربريت ظلم ڏاڍ وارو سلسلو جاري آهي، غريب مسڪين مظلومن جو ڪو داد فرياد نه ٿو ٿئي، سجاول جي کليل ڪچهري ۾ ھڪ مظلوم رجب ميمڻ پنهنجي زمين تي قبضي جي شڪايت ڪئي ته اتي ئي کيس سرڪاري وڏيري جي ڇاڙتن مٿس حملو ڪيو جنھن اھڙي عمل کي اسان رياست جي کلي غنڊا گردي سمجھون ٿا افسوس ته ضلعي انتظاميه ضلعي پيپلز پارٽي قيادت موجود ھئي ان باجود به اھڙو واقعو ٿيو جيڪو شرمناڪ عمل آهي ته ھاڻ ڪير به غريب مظلوم ھاڻ پنهنجي پاڻ سان ٿيل ظلم لاءِ آواز به نه اٿارين، رجب ميمڻ سان انصاف ڪيو وڃي.
پيرسن شخص جو زمين جو مسئلو هلي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهن شرارت ڪئي: شاهينا شير علي
ڪراچي: وومين ڊولپمينٽ جي صوبائي وزير شاهينه شير علي پنهنجي کليل ڪچهري دوران پيرسن تي تشدد بابت صحافين کي ٻڌايو ته سجاول ۾ کليل ڪچهري دوران هڪ بزرگ شخص مدد جي لاءِ صدا لڳائي ته هڪ پٺيان شرارتي شخص ۽ چار پنج ماڻهو آيا ۽ ان مٿان تشدد ڪيو، ان دوران پوليس تيزي سان مداخلت ڪندي شخص کي محفوظ ٻاهر ڪڍيو، صوبائي وزير موجب متاثر شخص جو زمين تي مسئلو لڳ ڀڳ 8 سال کان جاري آهي ۽ هاڻي عدالت ۾ ان جي ٻڌڻي هلي رهي آهي، ايس ايس پي ۽ ڊي سي کي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو هو.
پيرسن مٿان تشدد ۽ تذليل انسانيت کي لڄايو آهي: ايڊووڪيٽ اشرف سمون
ڪراچي: سجاول ۾ صوبائي وزير جي کليل ڪچھري دوران پيرسن تي تشدد بابت ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمون چيو آهي ته صوبائي وزير ضلعي جي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پيز جي سامھون ھڪ معزز شخص رجب ميمڻ تي تشدد ڪرڻ ۽ ان جي تذليل ڪرڻ انسانيت کي لڄايو آھي انھن آفيسرن کي پنھنجي عھدن تي رھڻ جو ڪو حق ناھي جيڪي انصاف نٿا ڪري سگھن، پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پيرسن مٿان بدترين تشدد ڪيو ويو، جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري رجب ميمڻ سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.