لنڊن (م ڊ) جمائما گولڊ اسمٿ سوشل پليٽ فارم ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ کي اپيل ڪئي آهي ته سندس اڪائونٽ تي مبينا طور تي ويزيبلٽي فلٽرنگ ختم ڪئي وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته سندس ٻن پٽن کي 22 مهينن کان پنهنجي پيءُ عمران خان سان ملڻ يا ڳالهائڻ جي اجازت ناهي ۽ عمران خان گڏيل قومن جي مطابق غير قانوني حراست ۾ آهي. جمائما موجب، عمران خان قيد ۾ آهي ۽ بنيادي انساني حقن کان محروم آهي. هن چيو ته ايڪس واحد ذريعو آهي جنهن ذريعي هوءَ دنيا تائين اهو پهچائي سگهي ٿي، پر عمران خان سان لاڳاپيل سندس پوسٽن جي پهچ عالمي سطح تي گهٽجي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي. جميما ايلون مسڪ کي ٻڌايو ته اظهار جي آزادي جو واعدو تڏهن رهندو جڏهن آواز ماڻهن تائين پهچندو. هن پنهنجي پوسٽ ۾ ماريو نوافل کي به ٽيگ ڪيو.