تازو حڪومت سنڌ زراعت کاتي ذريعي آبادگارن يعني کاتيدارن نه ڪي ھارين کي ڇو ته ھاري خود کاتيدار ناھي ھوندو پڻ سبسڊي ڏني آھي. اھا سبسڊي تمام وڏي رقم ۽ آساني طريقي سان ۽ شفاف نموني پر ان شفافيت ۾ سنڌ بئنڪ جي نااھل،نان ٽيڪنيڪل ۽ سست اسٽاف جي ڪري آبادگار جيڪو کاتيدار آھي سو پڻ متاثر ٿئي ٿو.وقت سر پئسا نه ملي سگھڻ ۽ مارڪيٽ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۽ وياج جو لاڳو ٿيڻ پئسا وقت تي نه ملڻ ڪري کاتيدار کي برداشت ڪرڻو ٿو پوي. ان جو وڏو سبب بئنڪ جي نااھل ۽ سست سروس ڪري پڻ ٿيو آھي. حڪومت ڪيتريون به دعوائون ڪري پر سنڌ بئنڪ ڄڻ ته پيپلز پارٽي جي زراعت دوستي،سنڌ حڪومت جي ڪاڪردگي ۽ زراعت کاتي جي شفافيت واري ڪارڪردگي تي سواليه نشان ھڻي بيھاري ڇڏيو آھي.انهيءَ سموري عمل ۽ رد عمل جي وڏي پئماني تي جانچ ٿيڻ کپي ته بلآخر سنڌ بئنڪ جڏھن اھو ڪانٽريڪٽ يا معاھدو پئي ڪيو ته ڇا کين کي ان ايم او يو ۾ شامل نه ڪيو ھو ته سنڌ بئنڪ پنھنجيون خدمتون ترت ۽ چست اسٽاف ذريعي تمام تر وقت سر مھيا ڪندي.يا خود سنڌ حڪومت ۽ زراعت کاتي جڏھن سنڌ بئنڪ سان ايم او يو صحيح ڪئي ھوندي ته کاتيدارن کي فوري طور سروس مھيا ڪندي. ضرور اھي سموريون ڳالههيون شامل ٿيون ھونديون.پر افسوس جو سنڌ بئنڪ جي عملي جي سست رفتاري واري سروسز ڄڻ ته خود سنڌ بئنڪ، زراعت کاتي ۽ سنڌ حڪومت سميت پيپلز پارٽي جي زراعت دوست پاليسي ۽ خدمتن تي سواليه نشان ھڻائي ڇڏيو آھي.
تازو سوشل ميڊيا تي سموري سنڌ جي مختلف علائقن مان جتي جتي سنڌ بئنڪ برانچ آھي اتي آبادگار جيڪو کاتيدار آھي پڻ سوين نه پر ھزارين ماڻھن جي قطار لڳي پئي آھي ۽ عملو ڪم چستي سان نه ڪري ڪيترائي ڪارڪردگي تي سوال پيدا ڪيا آھن.جيئن جڏھن زراعت کاتي درخواست سان گڏ روينيو ڏي کاتيدارن جو روينيو ريڪارڊ موڪليو ته خود روينيو ريڪارڊ اپڊيٽ نه ھجڻ سبب آن لائين ڪرڻ واري سسٽم ۾ ناٽ فائونڊ جي اچڻ سبب روزانو سوين فارم يا درخواستون پڻ زراعت کاتي کي واپس ڪيون پئي.جنھن سبب وري زراعت کاتي جو ھر تعلقي ۾ عملو پريشان پئي ٿيو. اتي سوال اھو ٿو پئدا ٿئي ته روينيو ريڪارڊ اپڊيٽ نه ھجڻ سان زراعت کاتي جو ڪھڙو ڏوھ جو اوھان ناٽ فائونڊ جي آپشن تي سموري سنڌ جي ھر تعلقي آفيس مان سوين فارم روزانو ۽ ايئن گڏيل طور پوري سنڌ مان روزانو ھزارين کاتا ۽ سموري مھم دوران لکين کاتيدار ناٽ فائونڊ واري آپشن ۾ اچي سبسڊي واري سھولت کان فائدو وٺي نه سگھيا.
سنڌ حڪومت کي متاثر کاتيدارن جي مسئلن کي سامھون رکي،سنڌ جي زراعت جي بھتري لاءِ عملي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ بئنڪ جي سست رفتاري ۽ نان ٽيڪنيڪل اسٽاف کي کوٽ جو نوٽيس وٽندي کاتيدارن کي فوري سروس ڏياري زراعت دوست ۽ سنڌ دوست ھجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو.ھي سمورو عمل ھڪ بھترين قدم آھي،ھر سيزن ۾ خاص طور تي ڪڻڪ،وونئڻ،ڪمند ۽ کارڪن واري فصلن ۾ سبسڊي واري عمل کي مخصوص انداز ۾ جاري رکڻ گھرجي ان سان ظاھر آھي ته سنڌ جي زراعت جتي بھتري طرف ويندي،اتي آبادگار ۽ ڪڙمي به پڻ زراعت ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪندو.