اڃا تائين دنيا ۾ جيڪي ٿورا ماڻهو پاڪستان جي سڃاڻپ بڻيل آهن، تن ۾ عمران خان به شامل آهن۔ سندن بنيادي حوالو رڳو راند جو ميدان هو۔ انهيءَ ميدان ۾ سندن ڪردار، عزم، اصول پسندي ۽ شخصيت جو حسن هڪ رومان بڻجي سامهون آيو ۽ هو پاڪستان جي هيرو طور ڏٺا وڃڻ لڳا۔ پر ذهن سازي ڪندڙ قوتن ۽ استعمال ڪندڙ حلقن کيس سياست جي ڪنڊيدار وادي ۾ ڌڪي ڇڏيو۔ ضروري ناهي ته هر هيرو سياستدان به هجي يا رياست هلائڻ جي صلاحيت به رکي۔ سياست ۽ حڪومت هلائڻ لاءِ هڪ الڳ جو شعور گهربل هوندو آهي۔ رڳو مقبوليت ۽ هردلعزيزي حڪمراني جي صلاحيت نه آهي۔ اُن لاءِ جيڪي گهرجون هونديون آهن، سي بوجهات جناب عمران خان وٽ نه هيون ۽ اڄ به ناهن۔
هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي۔ هر وقت جا پنهنجا تقاضا هوندا آهن۔ عقل مندي اها آهي ته ماڻهو روحِ عصر کي سمجهي، نيون راهون ۽ نوان منزلون ڳولهي۔ تاريخ شاهد آهي ته هاٿين جي ويڙهه ۾ هميشه ٻوڙا ئي لتاڙبا آهن؛ ڪمزور هميشه نقصان ۾ هوندو آهي۔ توهان جن سان وڙهي رهيا آهيو، ۽ جنهن طريقي سان وڙهي رهيا آهيو، اهو سراسر غير دانشمندانه آهي۔ نقصان ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن به توهان لاءِ سٺا نظر نٿا اچن۔ توهان پنهنجي سڀني آپشنن کي هڪ هڪ ڪري وڃائي ويٺو آهيو توهان کان توهان جي پارٽي جو نشان کسي وٺو ويو، چونڊ نتيجا توهان خلاف آيا، جيڪي اميدوار توهان جا کٽي آيا، تن کي توهان هڪ غيرحڪمت واري فيصلي سان هڪ مولويءَ حوالي ڪري ڇڏيو۔ جڏهن ته اسيمبليءَ ۾ وڏيون پارٽيون موجود هيون؛ انهن مان ڪنهن به پارٽيءَ حوالي ڪري سگهون ٿا ها شرطون رکي سگهو ٿا ها، ڪو رابطو ته قائم ڪري سگهو ٿا ها۔
اليڪشن مهم دوران بلاول ڀٽو ڪيترائي ڀيرا چيو ته: “جيڪڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪنداسين। هي مفاهمت جو واضح اشارو هو، جيڪو توهان سمجهي ئي نه سگهيا۔ پر توهان ته “چور، ڦورو” جي رٽ مان هيٺ اچڻ لاءِ تيار ئي نه هئا۔ ڪجهه به ٿي وڃي توهان جي ريسڪيو لاءِ آخرڪار سياستدانن کي ئي اچڻو آهي جيئن ته پلن هيٺان پاڻي گهڻو وهي چڪو آهي، پر پوءِ به توهان کي ڪو نه ڪو راستو ڪڍڻو پوندو۔ سياستدان ضدي يا ڏڍ نه هوندا آهن؛ اهي هميشه مفاهمت جا دروازا کوليندا رهن ٿا۔ اسان جا سچا دوست ته اسان جا سياسي ساٿي ئي هوندا آهن۔ توهان جنهن ڳاڙهاٽ ۽ گولائي ۾ ڦاٿل آهيو، ان مان رڳو سياست توهان کي آزاد ڪرائي سگهي ٿي۔ توهان اصولي موقف تي قيد ناهيو، پر ذاتي دشمني ۽ رياست مخالف بيانيي تي قيد آهيو۔ اهڙن معاملن جي سزا وڏا جيل يا تخته دار هوندا آهن۔
جيڪڏهن اهڙي سزا ملي ته تاريخ توهان کي هيرو جو درجو نه ڏيندي نرم رويي اختيار ڪريو، فضا بهتر بڻايو ۽ هن ڄار مان نڪرو۔ هاڻ توهان وٽ رڳو هڪ ئي آپشن بچيو آهي. مفاهمت، ڳالهه ٻولهه ۽ سياسي دروازن کي ٻيهر کڙڪائڻ جو آپشن۔ آهي