حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ وومين ٿاڻي جي اي ايس آءِ عائشا شيخ الزام لڳايو آهي ته هيومن رائٽس سيل جي انچارج ۽ ڪلارڪ ماريا ساريو 27 نومبر تي سندس آفيس ۾ گهرائي کيس جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس موبائل فون کسي ورتو. هن وڊيو بيان ذريعي الزام هنيو ته ماريا ساريو ذاتي نوعيت جا هٿ ٺوڪيا الزام هنيا، وردي ۾ تشدد ۽ جذباتي صدمو رسايو ويو، ٻن ليڊي ڪانسٽيبلن مون کي پڪڙيو ۽ ماريا چماٽون هنيون ۽ تشدد ڪيو. اي ايس آءِ عائشا مطالبو ڪيو آهي ته ماريا خلاف سخت قانوني ۽ کاتيوار ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جي آءِ ٽي ذريعي جاچ ڪئي وڃي. ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو درخواست جي تصديق ڪندي ماريا ساريو کي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي. معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي. جاري ڪيل ليٽر موجب، ماريا کان چارج واپس ورتي وئي، هو ايس ايس پي آفيس ۾ حاضر رهندي، اجازت کانسواءِ ڪيڏانهن وڃي نه سگهندي. هوڏانهن ماريا ساريو جو فون نمبر بند هجڻ سبب سندس موقف سامهون نه اچي سگهيو.