فيض حميد کي سزا بيانيو ٺاهڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي، معاف ٿيندي؟

نيو يارڪ (شهباز گل) اهم شخصيت اڳ ئي ٻڌايو هو ته فيض حميد کي ڏنل سزا عدالت يا اعليٰ فورم ذريعي معاف ڪري سگهجي ٿي، ۽ ان جو مقصد رڳو پي ٽي آءِ کي ڊيڄارڻ ۽ بيانيو ٺاهڻ آهي. فيصلي ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته سياسي عدم استحڪام پکيڙڻ وارن معاملن کي الڳ الڳ ڏٺو ويندو، پر اميد آهي ته هاڻي ڪو به ڪورٽ مارشل نه ٿيندو. فيض حميد ۽ آرمي چيف عاصم منير جي وچ ۾ ذاتي انا جو مسئلو به سزا جي پس منظر ۾ شامل آهي. سزا لنڊن معاهدي تحت طئي ڪئي  وئي هئي، ۽ جنرل باجوا به ان ۾ حصو وٺندڙ هو. هي ڪارروائي شريف خاندان کي خوش ڪرڻ ۽ عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪئي وئي هئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 12 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.