شڪارپور(رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور منڇر شاھ آپريشن دوران مارجي ويل مبينه ڇھن ڏوھارين مان 14 سالا اويس شيخ 70 سالا غلام محمد بکراڻي ۽ صابر شيخ کي پوليس پاران بي گناھ مارڻ جو انڪشاف شھمور شيخ، امداد شيخ ۽ شھزادو شيخ مٿان مختلف ٿاڻن تي سنگين نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل مبينه پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل صابر شيخ ۽ نوجوان اويس شيخ جا وارث لاش حاصل ڪرڻ لاء عدالت پھتا عدالتي حڪم بعد مارجي ويلن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا تفصيل موجب منڇر شاھ قبرستان ۾ پوليس آپريشن ۾ مارجي ويل ڏوھارين جا لاش ٽي ڏينھن گذرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن پوليس آپريشن دوران مارجي ويل اويس شيخ صابر شيخ جي وارثن ڪورٽ پھچي سيشن جج کي درخواست ڏني مارجي ويلن جي وارثن بيگم شيخ حسنه شيخ موقف اختيار ڪيو ته پوليس نوجوانن کي مارڻ کانپوءِ سندن لاش به حوالي نٿي ڪري جنھن بعد ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پوليس کي مارجي ويل مبينه ڏوھارين جا لاش حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو عدالتي حڪم بعد پوليس مارجي ويلن جا لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آھن مبينه ڏوھارين جا وارث سڄو ڏينھن مرده خاني ٻاھران لاش وٺڻ لاء انتظار ڪندا رھيا پوليس طرفان بار بار آسرن بعد صحافين آڏو دانھيندي مقتول صابر شيخ جي ڀيڻ بيگم شيخ چيو ته عدالت جي حڪم باوجود مونکي منھنجي ڀاءُ جو لاش نه ڏنو رات ٿيڻ کانپوءِ لاش ڏنو آھي اسان کان لکت باوجود سڄو ڏينھن رلايو ويو ھن چيو ته ھڪ پوليس بي گناھ منھنجي ڀاءُ کي لاش ڏسڻ دوران کڻي ماريو اھو ظلم الڳ ڪيو وري لاش لاءِ به پوليس اسان کي رلائندي رھي صابر شيخ جي ڀاءُ علي مراد شيخ چيو ته ظلم جي حد آھي صرف ذات شيخ ٻڌي پوليس ڀاءُ کي کڻي ماريو اسان پوليس جي ظلم خلاف ڪورٽ وينداسين ھن چيو ته عدالت جي حڪم باوجود لاش سڄو ڏينھن ويھاري رات ٿيڻ کانپوءِ ڏنو ويو آھي مارجي ويل نوجوان اويس شيخ جي والده حسينه شيخ دانھيندي چيو ته منھنجو پٽ اويس معصوم ھو جنھنجي عمر به پوري ناھي نه ڪو ڪيس نه وري ڏوھاري ھو پوليس ايف آئي آر ۾ به نامعلوم لکيو آھي منھنجو معصوم پٽ مارڻ ۾ پوليس کي ڇا مليو؟ منھنجي ته جھولي خالي ڪئي وئي آھي ھاڻي معصوم جي لاش لاءِ رُلي رهيا آهيون، ڪورٽ جي حڪم باوجود رڙيون ڪيون ڪو به ٻڌڻ وارو ڪونھي اسان سان انصاف ڪرايو منھنجو پٽ بي گناھ پوليس ماريو آھي آپريشن دوران مارجي ويل ستر سالن جي غلام محمد بکراڻي جي گھر واري حليمان بکراڻي دانھيندي چيو ته مھنجو مڙس درگاھ تي تاس راند کيڏڻ ويندو ھو اسان مسڪين آھيون پوڙھو ريڙھي ھلائي گھر جو گذر ڪندو ھو گول مارڪيٽ ۾ سڀني کي خبر آھي ته ھو ريڙھي ھلائيندو ھو ھن چيو ته منھنجو مڙس زخمي ھو سندس بروقت علاج ٿئي ھا ته بچي وڃي ھا ھڪ ته پوليس بي گناھ مڙس ماريو ٻيو پيءُ کي چورنگي تي تڙپندو ڏسي مھنجو پٽ دانھون ڪندي اتي پھتو ماڻھن کي پوليس کي منٿون ڪيون ته علاج لاء اسپتال کڻي ھلو پوليس ان کي به اتان پڪڙي گم ڪري ڇڏيو آھي،هن چيو ته منھنجو پٽ ته مسجد جو پيش امام آھي اھو ڏوھاري ڪٿان ٿيو ھي ته پوليس ٻين جي آڙ ۾ نسورو ظلم ڪري رھي آھي،خدا جي واسطي اسان مسڪينن جي مدد ڪئي وڃي صبح کان لاش وٺڻ جي انتظار ۾ ويٺي آھيان لاش گھرڻ تي پوليس اھلڪار دڙڪا ڏيندا رھيا ھاڻي لاش ڏنو آھي اسان وٽ ته کائڻ جا پيسا نه ھئا ھي ڪٿان جو قانون ۽ انصاف آھي جو بي گناھ ماري ڏوھاري قرار ڏين ٿا ھوڏانھن عوامي آواز کي. مليل معلومات موجب مچر شاھ آپريشن ۾ مارجي ويل چھن مبينه ڏوھارين مان ٽي ڏوھاري ڄاڻايل ثابر شيخ اويس شيخ ۽ غلام محمد بکراڻي پوليس آپريشن دوران بي گناھ مارجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي مبينه ڏوھاري ڄاڻائي ماريل صابر شيخ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي جنھن ۾ صابر شيخ کي ڪارن ڪپڙا پھريل آھن ۽ ھو چورنگي جي مختلف ھنڌن تي گمھي رھيو آھي جڏھن ته آپريشن دوران مارجي ويل نوجوان اويس شيخ مائٽن وٽ گمھڻ لاء آيل ھو مٿس ڪو به ڪيس ڪنھن به ٿاڻي تي داخل نه ٿيل آھي پوليس پاران اسٽور گنج ٿاڻي تي داخل ڪيل دھشتگردي جي قلمن واري ڪيس ۾ پڻ کيس نامعلوم ڄاڻايو ويو آھي جڏھن ته ستر سالا غلام محمد بکراڻي شھر جي ساھڙ محلا جو رھواسي ھو علاقي واسين موجب ھو روزانو شھر جي گول مارڪيٽ ۾ لنڍي جا سوٽر کپائيندو ھو جڏھن ته مارجي ويل باقي ٽن ڏوھارين امداد شيخ شھزادو عرف شدو شھمور شيخ مٿان پوليس مطابق شھر جي مختلف ٿاڻن تي سنگين نوعيت جا ڪيس درج ٿيل آھن ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي عوامي آواز سان ڳالھائيندي ايڊووڪيٽ فيض شيخ چيو ته ڪورٽ جي حڪم باوجود پوليس سڄو ڏينھن انتظار ڪرائي رات جو لاش ڏنا آھن پوليس لکت باجود انتظار ڪرائيندي رھي ھوڏانھن پوليس آپريشن ۾ مارجي ويلن جا لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي ثابر شيخ جو لاش شيخ فارم اويس شيخ جو لاش پراڻو فاٽڪ غلام محمد بکراڻي جو لاش ساھڙ محلا ۽ امداد شيخ شھمور شيخ شھزادو شيخ جا لاش وارث منچر شاھ واري علاقي ڏانھن کڻائي ويا آھن
فياض محمود شيخ پاران زخمي ڊي ايس پيز جي عيادت
شڪارپور: چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ سکر جي ضياءُالدين اسپتال پھتو، جتي هن ڏوهارين سان مقابلي دوران زخمي ٿيل ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظهور سومرو جي عيادت ڪئي. چيئرمين زخمي آفيسرن جي حالت بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ ڏوهارين خلاف بهادري سان مقابلو ڪرڻ تي کين ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي فياض محمود شيخ ٻنهي پوليس آفيسرن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون ۽ سندن جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوليس اهلڪار عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ جيڪو فرض نڀائي رهيا آهن، اهو ڳرو ۽ فخر جوڳو ڪم آهي.
پارس بکراڻي ۽ ظهور سومري لاءِ سول ايوارڊ جو اعلان
شڪارپور: منڇر شاھ واري علاقي ۾ پوليس آپريشن دوران ڏوھارين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي سندس مڙس ظھور سومرو لاءِ صوبائي گھرو وزير ضيالحسن لنجار پاران سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي جڏھن ته زخمي آفيسرن ۽ اھلڪارن سان عيادت جو سلسلو ھلندڙ آھي صوبائي صلاحڪار مير بابل ڀيو ضياالدين اسپتال پھچي ڪري پي پي اڳواڻ فريال ٽالپر پاران پارس بکراڻي لاء موڪليل گلدستو ۽ ڏھ لک روپيا علاج لاء ڏنا چيئر مين ميونسپل ڪاميٽي فياض محمود شيخ فراز امتياز شيخ پڻ اسپتال پھچي پارس بکراڻي سميت زخمي اھلڪارن جي عيادت ڪئي گلدستا پيش ڪيا جڏھن ته بيريسٽر عمر سومرو پاران پڻ پارس بکراڻي سان فون تي رابطو ڪري ڏوھارين خلاف بھادري سان مقابلو ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو کيس چيو ته اوھان باھمت خاتون آھيو اوھان جي بھادري کي سلام آھي سنڌ جي خصوصن شڪارپور جي شھرين کي اوھان تي ناز آھي
شڪارپور مقابلو شڪي، امتياز شيخ خاموش ڇو؟
اوٽاوا/ڪراچي(حنيف دوامي)شڪارپور ۾ ڊرامائي پوليس مقابلي ۾ ڇهه ماڻهن کي ڏينهن ڏٺي جو شڪارپور جي مکيه بازار ۾ پوليس چئني پاسن کان گهيري فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو. ڊي ايس پي پارس ۽ سندس مڙس ڊي ايس پي ظهور سومرو زخمي ٿيا،. زخم به اهڙا جو چند ڪلاڪن بعد ئي انهن جي شادي جي سالگرهه هئي، جنهن ۾ سکر جو نوجوان ميئر سلان شيخ به شامل ٿيو ۽ انهن کي گلن جو گلدستو پيش ڪيو. هن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي مقابلو ڪيترو “حقيقي” هو، ڪيترو “ڊرامائي” ۽ ڪيترو “پراسرار“.چيو پيو وڃي ته مارجي ويل ڇهه ماڻهو اڳوڻي صوبائي وزير، ايم پي اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ امتياز شيخ جي حلقي سان تعلق رکندڙ هئا. اهي انهن جا سپورٽر، ورڪر ۽ ڪجهه ته انهن جا گن مين به هئا، جيڪي ڪراچي ۾ انهن جي بنگلي تي ڊيوٽي ڪندا هئا ۽ شڪارپور ۾ به ساڻس هوندا هئا. يعني انهن جو سڌو سنئون تعلق امتياز شيخ سان ملي ٿو.شڪارپور جي نوجوان ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جي پريس ڪانفرنس مان به اهو صاف ٿيو آهي ته مارجي ويل ماڻهو ڪو “ڪچي جا وڏا ڏوهاري يا ڌاڙيل“ نه هئا، بلڪه شڪارپور ۾ رڳو معمولي قسم جا ڏوهه ڪندا هئا، جهڙوڪ ڀتو وٺڻ، يا منشيات جو ننڍي پيماني تي وڪرو ڪرڻ. شڪارپور هڪ اهڙو شهر آهي جتي قبائلي ماحول سبب هر ماڻهو مٿان ڪو نه ڪو ڪيس هوندو آهي. تنهن ڪري اهي مارجي ويل ماڻهو معصوم ته نه هئا پر سندن ڏوهه ايترو وڏو به نه هو جو کين پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو وڃي.هاڻي سوال اهو آهي ته هي مقابلو اصل ۾ ٿيو به يا نه؟ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ڊي ايس پي ظهور سومرو ۽ سندس گهرواري کي گولي لڳي هئي يا هو ڪري زخمي ٿيا؟ ۽ جيڪڏهن هنن کي واقعي گولي لڳي ته ڪيئن ڪجهه ڪلاڪن بعد هو سالگرهه جي تقريب ۾ ٺيڪ ٺاڪ موجود هئا؟صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار هن واقعي تي پوليس کي مبارڪ ڏني، سنڌ پوليس جي آءِ جي غلام نبي ميمڻ ان کي پوليس جو تاريخي ڪارنامو قرار ڏنو، پر ڪابه انڪوائري ڪرائڻ جي زحمت نه ڪئي وئي ته هي مقابلو اصل ۾ ٿيو هو يا پوليس جي غلطي سان ڇهه ماڻهو مارجي ويا جن جو تعلق امتياز شيخ جي تڪ سان آهي ۽ جيڪي انهن جا ووٽر، ورڪر ۽ گن مين هئا.هاڻي سوال اهو پيدا ٿيو آهي ته امتياز شيخ ڇو چپ آهي؟ هن اڃا تائين پنهنجي ووٽرن جي اهڙي مبينه جعلي ۽ پراسرار مقابلي ۾ مارجڻ تي آواز ڇو نه اٿاريو؟
مقتول صابر شيخ کي پنج ٻارن جو اولاد
شڪارپور: مبينه پوليس مقابلي ۾ ماريل نوجوان صابر شيخ شادي شده ھو کيس پنجن ٻارن جو اولاد آهي سندس وڏو پٽ ڏھن سالن جو آھي مارجي ويل نوجوان جا معصوم ٻارڙا پڻ پيءُ جو لاش وٺڻ لاء سرد خاني ٻاھران ويٺل رھيا جڏھن ته صابر شيخ جي وارثن پاران جڙتو مقابلي تي قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاء اڄ ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيڻ جو امڪان آھي
زخمي والد جي علاج لاءِ دانهون ڪندڙ نوجوان ڪيس ۾ نامزد!
شڪارپور: شڪارپور پوليس جو انوکو ڪارنامو مبينه مقابلي ۾ زخمي ٿيل غلام محمد بکراڻي جي پٽ مسجد جي پيش امام غلام رسول بکراڻي کي به ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي سندس مڙس ڊي ايس پي ظھور سومرو ۽ ٻين اھلڪارن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ داخل ڪيل دھشت گردي جي قلمن واري ڪيس ۾ نامزد ڪري چڏيو آھي عوامي آواز کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ مطابق پوليس جي مبينه آپريشن ۾ مارجي ۽ زخمي ٿيل جوابدارن کي پوليس جڏھن منڇر شاھ روڊ جي مين چورنگي تي لاش ۽ زخمي ڦٽا ڪيا ته انھن کي ڏسڻ لاءِ سوين شھري پھتا جتي مسجد جو پيش امام پڻ پھتو ھن پنھنجي ستر سالن جي پيءُ کي ڏسندي دانھون ڪيون ته ھي منھنجو والد آھي ھن کي کڻڻ ۾ مدد ڪيو اسپتال پھچايو ته چورنگي تي بيٺل پوليس کيس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصوير ۽ وڊيو ۾ کيس دانھون ڪندي چورنگي تي ڏٺو ويو آھي