جروار (رپورٽ: همت بوزدار) جروار ويجھو پسند جي شادي تان ھلندڙ تڪرار تان پيءُ جي سامھون نوجوان پٽ قتل، يارو لنڊ کان پنھنجي ڳوٺ ويندڙ پيءُ ۽ پٽ کي ھٿياربندن روڪي پيءُ جي سامھون نوجوان پٽ کي گوليون ھڻي قتل ڪيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ واحد بخش لنڊ جو رھواسي نوجوان جنيد لنڊ پنھنجي پيرسن پيءُ طالب لنڊ سان گڏ يارو لنڊ کان موٽرسائيڪل تي پنھنجي ڳوٺ اچي رھيو ھو ته ڊرٻ ڏيٿري ڀرسان ھٿياربندن روڪي پيرسن پيءُ جي سامھون نوجوان پٽ کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جروار پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپور ماٿيلو کڻائي وئي جتي پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي پيءُ طالب لنڊ ٻڌايو ته ھٿياربندن منھنجي سامھون نوجوان پٽ کي گوليون ھنيون ۽ آئون دانھون ڪندو رھيس ته منھنجي پٽ کي نه ماريو پر مون کي ڀلي ماريو پر ظالمن ھڪ به نه ٻڌي، ھن وڌيڪ ٻڌايو ته منھنجو وڏو پٽ نيڪ محمد لنڊ پنھنجي برادري جي عورت رفت لنڊ سان پنج سال اڳ عدالت ۾ پرڻو ڪيو ھو جنھن تان مائٽ ناراض هئا انھن ئي ظالمن پٽ کي قتل ڪيو آھي، ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.