ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ 10 هزار 700 رُپين جي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيوولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 10 هزار 700 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 54 هزار 262 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 10 گرام سون 9174 رپيا واڌ سان 3 لک 89 هزار 456 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 107 ڊالر اضافي سان 4319 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like