ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سرجاني ٽائون ۾ ور ڪي چورنگي ويجهو هڪ پاڻي جي ٽينڪر هڪ نوجوان جي حياتي کسي ورتي. 17 سالن جو شاگرد عابد اسڪول وڃڻ لاءِ گهر کان نڪتو هو. واقعي بعد مڇريل ماڻهن ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي. عابد عثمان پبلڪ هاءِ اسڪول جو 11 هين ڪلاس جو شاگرد هو ۽ اسڪول وڃڻ لاءِ گهر کان نڪتو هو. اطلاع تي فائر برگيڊ جو هڪ يونٽ موقعي تي پهچي ويو ۽ فائر ٽينڊر جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي. ٻئي پاسي ريسڪيو ايجنسي هلندڙ سال دوران ٽرئفڪ حادثن جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. هن سال تائين، شهر ۾ مختلف حادثن ۾ 806 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن، جن ۾ 632 مرد، 81 عورتون، 71 ٻار ۽ 22 ڇوڪريون شامل آهن. ريسڪيو ايجنسي موجب، هن سال ٽرئفڪ حادثن ۾ 11,596 شهري زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 244 ماڻهو شديد ٽرئفڪ سبب فوت ٿيا آهن، ۽ انتظاميه جي حڪمت عملي جي باوجود، حادثا رڪجي نه رهيا آهن.