ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي ۾4-k چورنگي ويجهو تيز رفتار واٽر ٽينڪر هيٺيان اچي فرسٽ ايئر جي شاگرد عابد رئيس جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي دلي افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته متاثر خاندان کي انصاف ڏنو وڃي ۽ قاتل ٽينڪر جي ڊرائيور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هن جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڊمپر ۽ ٽينڪر مافيا کي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو کليل لائسنس ڏنو ويو آهي، ڪراچي ۾ ڊمپر ۽ واٽر ٽينڪر گهمندڙ ڦرندڙ موت بڻجي چڪا آهن، موٽرسائيڪل سوار انهن کي ڄڻ ڪيڙا ۽ مڪوڙا نظر اچن ٿا، جڏهن ته شهر جون ٽٽل ۽ تباهه حال روڊ رستن رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ جعلي ميئر جو سڄو ڌيان اي-چالان ۽ ٽيڪسن جي ڀرمار تي آهي، عوام جو ڪوبه والي وارث ڪونه آهي. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته حڪومتي نااهلي ۽ انتظامي غفلت سبب شهرِ قائد ۾ هن سال دوران مختلف علائقن ۾ جان ليوا ٽريفڪ حادثن ۾ عورتن، بزرگن ۽ ٻارن سميت لڳ ڀڳ 800 ماڻهو فوت ۽ 11 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جا واقعا ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيا آهن، اي-چالان هجڻ باوجود به هي خونخوار سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي 2025ع جي پهرين ستن مهينن ۾ ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 538 شهري فوت ٿيا، جن مان 222 ماڻهو فقط وڏين گاڏين جي ٽڪر سبب ٿيون، جڏهن ته 274 موٽرسائيڪل سوار مارجي ويا۔