اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته پارٽي متحد آهي ۽ پي ٽي آءِ جي باني جا ڪيس انهن جي ميرٽ تي ٻڌا وڃن. پنهنجي بيان ۾، هن اڊيالا جيل ۾ پيش ايندڙ واقعي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته موجوده حڪومت فاشسٽ رويو اختيار ڪري رهي آهي ۽ ماڻهن جا حق کسيا پيا وڃن. واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪندي، اسد قيصر خبردار ڪيو ته گورنر راڄ يا پي ٽي آءِ جي باني جي خيبر پختونخوا منتقلي ملڪ کي انتشار ڏانهن ڌڪيندي. هن چيو ته ڪنهن ۾ جرئت ناهي ته ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائي. هن چيو ته 20 ۽ 21 ڊسمبر تي هڪ قومي ڪانفرنس سڏائي ويندي جنهن ۾ سڀني سياسي پارٽين ۽ بار ايسوسيئيشن کي دعوت ڏني ويندي ۽ هڪ قومي ايجنڊا پيش ڪيو ويندو.