اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيل ۾ قيد ڪنهن به شخص سان ملاقات وارثن جو آئيني حق آهي. پنهنجي بيان ۾ فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ هن وقت جمهوري روايتن جو مذاق اڏايو پيو وڃي، پاڪستان جي مجموعي سياسي صورتحال ڏڦيڙ ۽ تشدد ڏانهن وڌي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ جون موجوده حالتون هن وقت ڪنهن به ڏڦيڙ کي برداشت نه ٿيون ڪري سگهن.