اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحادي پيپلز پارٽي به حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ميمبرن باني جون تصويرون کڻي احتجاج ڪيو آهي. پينل آف دي چيئر علي زاهد جي زير صدارت قومي اسمبلي جو اجلاس ٿيو. سوال جوابن دوران آغا رفيع الله چيو ته ميمبر محنت ڪري سوال آڻين ٿا، پر صرف گول مول جواب ڏنا وڃن ٿا ۽ صرف ٽي اي ڊي اي ٺهندو آهي، هتي جيڪو ڪتابن ۾ لکيو ويندو آهي، ان جو 10 سيڪڙو به ناهي. وزير صاحب، ايف اي بي جي ٽال فري نمبر تي هاڻي ڪال ڪريو، جيڪڏهن ڪو جواب ملي ته ٻڌايو.وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر جي سوال جو جواب تفصيل سان ڏنو ويو آهي، لابي ۾ وڃي ٽال فري نمبر تي ڪال ڪري سگهو ٿا، اهي جيڪي هتي تقرير ڪري رهيا آهن، اهي سياسي آهن. ان دوران پي ٽي آءِ ميمبر ايوان ۾ پهچي ويا، ميمبرن باني پي ٽي آءِ جون تصويرون کڻي احتجاج ڪيو. مخالف ڌر ميمبرن اعتراض جي درخواست ڪئي، پينل آف چيئرمين سوالن جذبن دوران اعتراض واري نڪتي ڏيڻ کان معذرت ڪئي. نبيل گبول چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڪو مرڪز منهنجي تڪ ۾ ناهي، عورتون اتي رش سبب بيهوش ٿي وينديون آهن، اتي ويٺل ماڻهو ڪرپشن ڪري رهيا آهن، 1500 روپيا هر عورت کان ورتا وڃن ٿا.وفاقي وزير پير عمران شاهه چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ان کي شفاف بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، مارچ 2026 تائين سڄو نظام ڊجيٽل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون،