لاهور (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مريم نواز کي سنڌ ۾ چونڊ وڙهڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سمورن سياسي ڌرين کي سنڌ مان چونڊ وڙهڻ گهرجي، مريم به سنڌ مان چونڊ وڙهي. سياسي تنقيد لاءِ اسان موجود آهن پر اهو ڪهڙو عمل آهي ته توهان رات ڏينهن فوج کي گاريون ڏيو ۽ اسان چُپ رهون. لاهور ۾ ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان وري هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، هر هڪ جي ذميواري آهي ته متحد ٿي پنهنجي فوج سان گڏ بيهي. هن چيو ته گهڻي وقت کان چئي رهيو آهيان ته دهشتگردن کي اسان جي پاڙيسري ملڪن مان مدد ملي رهي آهي، دهشتگرد اسان جي فوج، پوليس ۽ عوام کي شهيد ڪري افغانستان ڀڄي ويندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري نالو کڻڻ بنا چيو ته اهي فوج ۽ عوام ۾ ويڇا وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان انهن کي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اها پارٽي دجال جو ڪردار ادا پئي ڪري. بلاول چيو ته هو ڪنهن به پارٽي تي بندش جي حق ۾ ناهي. ڪي پي م گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ پ پ جو مطالبو ناهي. دهشت گردي خلاف آپريشن ۾ رنڊڪ وڌي وئي ته گورنر راڄ لڳائڻ مجبوري بڻجي ويندو.