بلاول اسٽيبلشمينٽ سان وڌيڪ اڳتي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو؟

لاهور (عمران شفقت) بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي انڪار ڪري ڇڏيو، ائين لڳي ٿو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان پيپلزپارٽي جو بلاول جي حد تائين جيترو ساٿ هو اهو پورو ٿيو. ڏسڻو پوندو ته هاڻي صدر ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو. بلاول لاهور جي گورنر هائوس ۾ صحافين سان ملاقات ڪئي. اتي هن  جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي اهم آهن. هن ن ليگ سان گڏوگڏ اسٽيبلشمينٽ کي به نشانو بڻايو. بلاول اهو اشارو ڏنو ته هڪ پارليامينٽ مان 2 آئيني ترميمون کوڙ آهن. ان دوران اين ايف سي، نون صوبن جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون. هن نون صوبن تي به تنقيد ڪئي. هن پارليامينٽ مان وڌيڪ ڪجهه نه ٿيندو. ائين لڳي ٿو ته بلاول اسٽيبلشمينٽ سان صوبن توڻي ٻين معاملن تي سهڪار لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته هو پنجاب ورهائڻ جي ڳالهه نه پيو ڪري، پر جيڪڏهن ڳالهه ٿي رهي آهي ته پهريان اتي لاڳو ڪريو. بلاول کي چيو ويو ته اسٽيبلشمينٽ ته ترميم منظور ڪرائي نوان صوبا ٺهرائي وٺندي، ان تي بلاول چيو ته ڀلي ڪري وٺي، اسٽيبلشمينٽ ڪنهن ڪنهن سان وڙهندي؟ ان جو مطلب اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڀارت، ٽي ٽي پي، پي ٽي آءِ، بي ايل ايل کي منهن ڏئي رهي آهي، اسان سان به وڙهندي ته پوءِ وڙهي، ڏسي وٺنداسين. هن اشارو ڏنو ته عمران خان سان به مفاهمت سان هلڻو پوندو. حقيقت ۾ هو اسٽيبلشمينٽ کي مٿي ۾ سور وجهي رهيو هو ته هيئن به ٿي سگهي ٿو. پ پ ڪجهه معاملن تي حساس آهي. وڌيڪ اڳتي هلڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ کي گڏ ويهڻو پوندو. بلاول کي عمران خان سان محبت ناهي، هو رڳو ٽينشن اسٽيبلشمينٽ کي ڏئي رهيو هو. ايندڙ ڏينهن ۾ پ پ جو ڪردار واضح ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.