پاڪستان ۾ مهانگائي ٻيڻ تي وڌڻ جو خطرو آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ واڌاري جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف  گذريل 2  سالن جي معاشي ڪارڪردگي سميت موجوده مالي سال جي معاشي پروجيڪشنز به جاري ڪيون آهن. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 4.5 سيڪڙو کان 6.3 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته جون 2026 ۾ مهانگائي جو اضافو 8.9 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته جون 2025 ۾ مهانگائي جي شرح 3.2 سيڪڙو هئي.آءِ ايم ايف  مطابق، موجوده مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح 3.2 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو کان گهٽ ٿي ڪري 7.5 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته مالي سال 2026 ۾ معيشت ۾ ٽيڪسن جو حصو 16.3 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف  جو چوڻ آهي ته مالي سال 2025 ۾ معيشت ۾ ٽيڪسن جو حصو 15.9 سيڪڙو هو، جڏهن ته مالي سال 2026 ۾ مالياتي خسارو 4 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جيڪو مالي سال 2025 ۾ 5.4 سيڪڙو هو، جڏهن ته 2026 ۾ معيشت تي قرضن جو بار 69.6 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف  مطابق، مالي سال 2025 ۾ معيشت تي قرضن جو بار 70.6 سيڪڙو هو، جڏهن ته 2026 ۾ غيرملڪي قرض معيشت جو 22.5 سيڪڙو ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته مالي سال 2025 ۾ غيرملڪي قرض معيشت جو 22.5 سيڪڙو هئا.آءِ ايم ايف  جو چوڻ آهي ته 2026 ۾ سيڙپڪاري معيشت جو 0.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿو، جيڪو 2025 ۾ معيشت جو 0.6 سيڪڙو هو.ان کان سواءِ  مالي سال 2026 ۾ مٽا سٽا جا ذخيرا 17.8 ارب ڊالر ٿي سگهن ٿا، جيڪي 2025 ۾ 14.5 ارب ڊالر هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.