حڪمران 1971 سانحي جو سبب بڻجندڙ غلطيون نه ورجائين: ايڇ آر سي پي

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) ڪراچيءَ ۾ انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي ايڇ آر سي پي جي سيمينار ۾ ڳالهائيندي، چيئرپرسن اسد اقبال بٽ  چيو ته پاڪستان جي بقا جمهوري حڪمراني ۽ ان جي شهرين کي روزگار، تعليم ۽ صحت جي فراهمي سان ڳنڍيل آهي. هن 1971 جي غلطين کي نه ورجائڻ تي زور ڏيندي چيو ته حڪمران طبقو انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ذميوار آهي ۽ آئيني بگاڙ نظام کي نيم فاشسٽ ڪردار ڏنو آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل سيمينار ۾ مقررين رياست پاران مذهبي گروهن جي استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ جبري گمشدگين، سياسي قيد، ميڊيا پابندين، گهٽ اجرت ۽ مزدور مخالف قانونن جهڙن مسئلن کي اجاگر ڪيو. پليٽ فارم آئيني ترميمن 26 ۽ 27 کي ختم ڪرڻ، جبري گمشدگين کي روڪڻ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 50 هزار ڪرڻ، زمينن تي قبضو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خاتمي، ٽريڊ يونين ۽ شاگرد يونين جي بحالي ۽ بنيادي حقن جي فراهمي جو مطالبو ڪيو. پروفيسر سهيل سانگي چيو ته جبري گمشدگيون مختلف شڪلن ۾ جاري آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر رياض شيخ معاشي عدم تحفظ ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي پگهارن جي عدم ادائيگي کي انساني حقن جون وڏيون ڀڃڪڙيون قرار ڏنو. شازيا نظاماڻي صنفي تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ۽ ڊاڪٽر توصيف احمد خان نصابي سڌارن، مذهبي آزادي ۽ اقليتن جي تحفظ تي زور ڏنو. ايڊووڪيٽ عائشا ڌاريجو جبري مذهب تبديلي ۽ زمين تي قبضي جهڙن مسئلن تي روشني وڌي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.