ٿرپارڪر ۾ توانائي منصوبن جو بنيادي مقصد ملڪ کي بجلي فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي سماجي-اقتصادي حالتن کي بهتر بڻائڻ هو پر ٿرڪول بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو سان لاڳاپيل ڳوٺن مان ايندڙ حاليه شڪايتون هڪ اهم پاسي ڏانهن ڌيان ڇڪائين ٿيون،مقامي رهواسن موجب چمنين مان خارج ٿيندڙ زهريلي مادن ڪوئلي جي کاڻين مان اڏامندڙ دز ۽ روزگار ۾ نظرانداز ٿيڻ جهڙا مسئلا علائقي ۾ سنگين تشويش جو سبب بڻيل آهن،بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو ۾ بجلي گهرن جي چمنين مان نڪرندڙ تند ڌونھون،سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽروجن آڪسائيڊ ۽ ٻيا زهريلا ڪيميائي مادا هوا جي معيار کي متاثر ڪري رهيا آهن، رهواسين جو چوڻ آهي ته ساهه کڻڻ ۾ تڪليف،اکين ۾ جلن سميت چمڙي جون بيماريون پکڙجڻ ڪري ڏکيائيون وڌي رهيون آهن،جيڪڏهن فضائي گدلاڻ روڪڻ لاءِ مؤثر فلٽرنگ سسٽم ۽ ايمشن ڪنٽرول ٽيڪنالاجي وقت سر استعمال نه ڪئي وئي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي،کاڻين مان ڪوئلو ڪڍڻ دوران پيداءُ ٿيندڙ مٽي ۽ دز هوا جي وهڪري سان ويجهن ڳوٺن تائين پهچي ٿي،هي دز رڳو انسانن جي صحت لاءِ نقصانڪار ناهي پر چراگاهن،زرعي زمين،پاڻي جي معيارتي پڻ خراب اثر وجهي ٿي، مقامي رهواسين جو وڏو اعتراض اهو آهي ته ٿرڪول منصوبي جي شروعات وقت کين روزگار ۽ ڀلائيءَ جا واعدا ڪيا ويا هئا، پر حقيقت ۾ اڪثر نوڪرين تي ٻاهريان ماڻهو ڀرتي ٿيا،هنرمند ۽ پڙهيل مقامي نوجوان نظرانداز ٿيا،عورتن لاءِ روزگار جا موقعا محدود رهيا جنهن سبب منصوبن خلاف بيچيني وڌي رهي آهي،علائقن ۾ اسڪول،اسپتال،صاف پاڻي،رستن ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي جون دعوائون ڪيو ويون ھيون پر ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين بنيادي سهولتن کان محروم آهن،ڪجهه هنڌن تي رڳو ڏيکاءُ لاءِ ڪم ڪيو ويو آهي پر عملي سهولتون گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، انھيءَ سلسلي ۾ ٿرڪول متاثرن اڳواڻ ڀيم راج ميگھواڙ،بي آئي ايف سنڌ مرڪزي صدر ديدار سينڌل ڀيل،سبحان لنجو،اُتم چند ڀيل،عبدالعزیز قادري،آڪاش هميراڻي ۽ مشتاق جنجھي اسلامڪوٽ پريس ڪلب پهچي ٿرڪول متاثرن ڳوٺن جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو آھي،اڳواڻن اسلام ڪوٽ پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿرڪول منصوبن جي ڏھ سالن کانپوءِ به مقامي متاثر دربدر آهن ترقي جي نالي تي ڪمپنين کي زمين،ماحول، پاڻي ۽ ماڻهن جي زندگيءَ جي ڀيلاڙ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن سبب مقامي متاثر دربدر آهن،چونڊيل نمائندا توڙي سڄاڻ حلقن جي خاموشي سبب مزدورن کي روز نيڪالي پئي وڃي،ڪوئلي کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ريلوي وڇائي پئي وڃي پر مقامي متاثرن لاءِ واضع ۽ يڪسان پاليسي نه هئڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو مستقبل خطري هيٺ آهي پوري ٿر ڪول منصوبي ۾ متاثرن لاءِ يڪسان ۽ واضع پاليسي هجڻ گهرجي،متاثرن جي زمينن جي رائلٽي ڏني وڃي،ڪمپني جي پاران پنهنجا نواز پاليسي ۽ ڳوٺاڻن سان ٻٽو ميار هجڻ ڪري مقامي متاثر ڪمپنين تي اعتماد وڃائي ويٺا آهن
ماحولياتي تحفظ جو ادارو سنڌ انوائر مينٽل پروٽيڪشن اٿارٽي ڪمپنين جي ملي ڀڳت سان ماحولياتي تباهين تي ڪن لاٽار ڪري ويٺو آهي،اڳواڻن ٿر جي نالي تي ٺهيل تنظيمن ۽ فورمن تي تنقيد ڪندي چيو ته زميني،ماحولياتي ۽ ثقافتي ڀيلاڙ ڪندڙ ڪارپوريٽ ۽ سرمائيدار ڪمپنين جي جرم تي اهڙين تنظيمن جي ڊرامائي مزاحمت پڌري ٿي چڪي آهي،اهي فورم بظاهر عوامي ۽ سماجي چوڳو پائي مقامي متاثرن جي آواز کي دٻائي رهيا آهن،هنن چيو ته اهڙن فورمن جي مقامي متاثرن سان ڪو همدردي ناهي نه ئي انهن ڪڏهن ڳوٺن ۾ مقامي متاثر آبادي جي دانهن ڪوڪ کي دنيا آڏو پهچايو آهي،هنن چيو ته اهي ماحوليات جي نالي تي ڍونگ ڪري پنهنجي فنڊنگ حلال ڪري رهيا آهن،هنن پريس ڪلب توڙي اسلام ڪوٽ جي صحافين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسلام ڪوٽ جا صحافي بنا لوڀ لالچ ۽ خوف جي متاثرن جي مسئلن کي هميشه ديده دليري سان اعلي ايوانن تائين پهچايو آهي،تحريڪ جي اڳواڻن پاران متاثر ڳوٺن ۾ "ترقي جي زد ۾ آيل ڳوٺاڻي ثقافت” جي نالي سان ڏهاڙا ملهائڻ جو اعلان ڪيو آھي،جنهن ۾ ٽيبلو، گيت، شاعري، رانديون ۽ فلمن جي اسڪريننگ به ڪئي ويندي، هنن چيو ته ترقي جي دعويدارن ٿر کي ڪوئلستان بڻائي ڇڏيو آهي،انھي سلسلي ۾ ٿرڪول متاثر ڳوٺاڻن حاجي مهراڻپوٽو،علي نواز مهراڻ پوٽو،الهداد هنگورجو،حافظ محمد جوڻيجو،رميش ميگھواڙ،نھال مھراڻپوٽو ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته ٿر جي ماحول کي حڪمرانن هٿ وٺي ڪمپني مافيا سان ملي تباھ ڪري رهيا آهن،ڪول پروجيڪٽن ۾ مقامي ماڻهن کان زمين وٺي،جر جو پاڻي خراب ڪري بي گهر ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڪمپنيون عوام دشمن بڻجي ٿر جي فطري حسن کي بگاڙي ڇڏيو آھي،ٿر جي ڪوئلي جي بلاڪ ون ۽ ٽو ۾ مقامي ماڻهن کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ انهن ڳوٺن ۾ جهنگلي جيوت،وڻ،ٻوٽا زمين ۽ پاڻي خراب ڪري ڇڏيو آھي انڪري ماحول تي خطرناڪ اثر پيا آهن
ماحول جي بگاڙ سبب کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ پڻ هر سال برساتن ۾ وڌي رهيا آهن ٿرڪول پروجيڪٽن ۽ اڳئي مقامي ماڻهن کي اهم پوسٽن تي روزگار ناهي پر جيڪي ننڊا ملازم ڊمپر ڊرائيور آهن انهن جا جائز مطالبا نه ٿا تسليم ڪن ۽ انهن جو کاڌو پيتو بند ڪري روزگار وارو حق به مقامي ماڻهن کان کسي رهيا آهن ۽ ڪمپنيون پنهنجن پيٽي ٺيڪيدار ڪمپنين کي بي لغام ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ننڊن ملازمن سان روز جي بنياد تي زيادتيون ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته ريلوي لائين جي ڪري ڪروڙين وڻ ۽ ٻوٽا وڊي ماحول سان هٿ چراند ڪري وڏو نقصان ڪيو ويو آهي اڳئي ٿر ڪول مان نڪرندڙ پاڻي پهرين گوڙاڻو ۾ ڊيم ٺاهي ماحولياتي گدلاڻ پکيڙي آهي ۽ جر جو پاڻي پڻ خراب ڪري ڇڏيو آهي هاڻي دڪڙڇو ۾ ڊيم ٺاهي تباهي ڪري رهيا آهن،ٿر جي اصل فطرت پروجيڪٽن سبب ٿيل اٿل پٿل ڪري ماحول تي تمام وڌيڪ اثر پيا آهن ۽ ان جو ڪير به بهتر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي
اسان آگاهي مهم لاءِ نڪتا آهيون ته ٿر کي مقامي چونڊيل نمائندن حڪمرانن سان گڏجي تباهي طرف وٺي وڃي رهيا آهن اسان صاف ماحول رکڻ لاءِ پاڻ کي متحد ڪري سجاڳ ڪيون ته اسانجي فطرت ۽ ماحول صاف سٿرو بڻجي سگهي،ھنن مطالبو ڪيو ته ٿر ڪول جي اربين روپين جي رائلٽي سنڌ سرڪار وٽ آهي جيڪا ٿر جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ سهولتن تي خرچ ڪري، مقامي ماڻهن کي روزگار سان گڏ زمينن جا معاوضا ڏيئي هر بنيادي سهولت فراهم ڪئي وڃي ۽ وڻن جي واڍي سميت شڪار ۽ جر جي پاڻي ۽ زمين کي خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي،گوڙاڻي ڊيم ۾ اسان جون ٻنيون آھن انھن جا اسان کي پئسا ناھن مليا،اينگرو ڪمپني اسان جا مزدور نٿي لڳائي،گوڙاڻي جو ڪمپني گوڙاڻو باغ نالو لکيو آھي پر اتي وڻ تباھ ٿي ويا آھن تباھي لڳي پئي آھي،مڇرن جو آزار آھي،گوڙاڻي ڊيم سبب 99 سيڪڙو ڪاٽڻ ڳوٺ جو نقصان ٿيو آھي،چونڊيل نمائيندا ڪمپنين کان مال وٺي ستا پيا آھن ٿرڪول ڪمپنيون اسان کي انسان نٿيون سمجھن،اسان بلاڪن جا متاثر آھيون اسان جا چونڊيل نمائيندا رڙ نه ٿا ٻڌن،ڪمپنيون ظلم ڪري رھيون آھن،اوپن ڪوئلو اڇلائڻ سبب چمڙي جون بيماريون پکڙجي رھيون آھن،ھاڻي ٿر سجاڳ ٿي چڪو آھي،اسين چاھيون ٿا ترقي ٿئي پر ٿر پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ روزگار گھري ٿو،موسمي تبديلي سبب ٿر ۾ ھر سال کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ ٿيون،ٿر ۾ خدا جي طرفان ڪوئلي جھڙي نعمت عطا ڪئي انھي نعمت تي ڪارا نانگ ويھي رھي آھيا آھن،بلاڪ ون جون زيادتيون عام آھن،ھتي اسان وٽ ايم اين اي توڙي ايم پي اي عوام سان سچا ناھن ھو ڪمپنين سان مليل آھن،ھو مال کائي عوام سان دوکو ڪري رھيا آھن،ھتان جو ڪو به نمائيندو عوام ڪڏھن ناھي مليو،ڪاٽڻ اسان جو ڳوٺ متاثر آھي انھن سان ڪمپني ظلم ڪيو آھي،جتي ضرورت آھي اتي ڪم ناھي ٿي رھيو پر جتي ڪم جي ضرورت ناھي اتي من پسند ڪم ٿي رھيا آھن،ڪمپنين وارا سياسي ٿي ڪم ڪري رھيا آھن،ٿرڪول تي ڪم شروع ٿيڻ سان تباھي ٿي آھي،ڪمپنيون ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي،ماحولياتي گدلاڻ وڌي آھي،بيماريون پکڙجي رھيون آھن،بلاڪ ون مان پورھيت مزدورن کي روزگار مان ڪڍيو ويو آھي.
ڪمپنين لاءِ ضروري آهي ته عالمي معيارن مطابق ايمشن ڪنٽرول سسٽم لڳايا وڃن،ڪوئلي جي دز کي سنڀالڻ لاءِ واٽر اسپرينڪلنگ ۽ ڪورنگ سسٽم بهتر ڪيو وڃي،ماحولياتي اثرائن بابت سالياني رپورٽن ۾ شفافيت لاڀي وڃي،سرڪاري پاليسين مطابق مقامي رهواسين کي پهرين ترجيح ڏيڻ لازمي آهي، تنهنڪري فني تربيتي مرڪز وڌايا وڃن مقامي نوجوانن کي جديد ٽيڪنيڪل تربيت ڏني وڃي،شفاف ڀرتي عمل کي يقيني بڻايو وڃيحقيقت ۾ سماجي ڀلائي تي رقم خرچ ٿيڻ بدران ڪجهه هنڌن تي صرف ڪاغذي دعوائون نظر اچن ٿيون،مقامي ماڻهن جي زندگين ۾ واضح بهتري لاءِ صاف پاڻي،صحت جي سهولتن،تعليم،اسٽيٽ آف دي آرٽ صحت مرڪزن جي موجودگي ضروري آهي،ٿرپارڪر جهڙي حساس ماحولي ۽ سماجي علائقي ۾ ڪوئلي جا وڏا منصوبا صرف تڏهن پائيدار ٿي سگهن ٿا جڏهن ماحولياتي تحفظ کي بنيادي ترجيح ڏني وڃي،مقامي ماڻهن کي عزت،سماجي سلامتي ۽ حقيقي روزگار جا موقعا مليل هجن،منصوبن ۾ شفافيت ۽ احتساب جو نظام مضبوط هجي،علائقي جي ماڻهن سان کليل ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي،جيڪڏهن حڪومت ۽ ڪمپنيون هن رخ ۾ قدم کڻن ته ٿرڪول منصوبا نه صرف توانائي لاءِ فائديمند ٿي سگهن ٿا پر مقامي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ به مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا،