انگريزي لفظ سسٽينبلٽي جنھن کي پاڻ پائيداري چئون، اڄوڪي دور جي سڀ کان وڌيڪ مشهور، پر سڀ کان وڌيڪ مبهم اصطلاحن مان هڪ آهي. حڪومتون ان کي پنهنجي رٿابندي ۾ شامل ڪن ٿيون، عالمي ادارا ان کي ترقي جو اڻٽر اصول ٿا ڪوٺين، تحقيقي ادارا ۽ يونيورسٽيون ان کي ھلندڙ ۽ ايندڙ صدي جي سائنس جو محور قرار ڏين ٿيون. پر جي ڪنهن کان پڇجي ته ”پائيداري آخر ڇا آهي؟“ ته گهڻن وٽ ڪو چٽو، مڪمل يا ھڪجھڙو جواب موجود نه ھوندو. ھن لفظ جي وسعت ۽ معنيٰ به وڏي آهي هر اک ان کي پنهنجي نظر سان ڏسي ٿي.
پائيداري کي سمجهڻ لاءِ ڪجھه تاريخي ڪم ياد ڪرڻ ضروري آهن ته جيئن ان بحث جي بنيادن کي سمجھي سگھجي۔ سن 1962ع ۾ ريچل ڪارسن جي ڪتاب سائلنٽ سپرنگ/ سانت بھار سڄي دنيا جو ضمير جھنجھوڙي وڌو. ڪارسن ٻڌايو ته جيڪڏهن انسان پنهنجي صنعتي ڪِردار، ڪيميائي دوائن ۽ بي احتياطيءَ سبب فطرت کي دٻائيندو رهيو ته شايد ايندڙ بھار ۾ ڪو به پکي ٻوليندو نه ٻڌبو،جيتن جا آواز ٻڌڻ ۾ نه ايندا، ۽ فطرت جا مٺا ۽ موھيندڙ ساز خاموش ٿي ويندا. اها ”سانت بهار“ صرف ادبي تصوير نه هئي؛ اها پائيداريءَ جي زخمن جو پهريون وڏو، سائنسي ۽ اخلاقي نوحو هو. ان ڪتاب ماڻهن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان فطرت کي لڳاتار بنا ڪنھن ڳڻپ جي ڇيھو رسائينداسين، ته مستقبل به خاموش ٿي ويندو.
انهيءَ پس منظر ۾ پائيداريءَ جي هر وصفَ، هر بحث ۽ هر سوچ جو بنيادي نقطو اهو آهي ته انسان پنهنجون ضرورتون پوريون ضرور ڪري، پر اهڙي نموني اھو پورائو ڪري جو ڌرتي جو نازڪ توازن نه بگڙي ۽ ايندڙ نسلن جو حق پڻ محفوظ رهي. سالس-زاپاتا ۽ اورتيز جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته علمي دنيا ۾ پائيداريءَ تي لکيل گهڻن ئي مقالن ۾ ان جي ڪا واضح وصف ئي ناهي. اهو ان ڪري جو مختلف شعبا جيئن ماحوليات، معاشيات، سماجيات، حڪمراني وغيرھ، هر هڪ پائيداريءَ کي پنهنجي شعبي جي حساب سان وصف جوڙين ٿا ۽ سمجهن ٿا. ڪنهن لاءِ اها بقا آهي، ڪنهن لاءِ توازن، ڪنهن لاءِ تبديلي، ۽ ڪنهن لاءِ هڪ اخلاقي گھاڙيٽو. ان ڪري پائيداري هڪ اهڙي آئيني جيان آهي، جنهن ۾ هر شخص پنهنجي مرضيءَ مطابق تصوير ڏسي ٿو.
پر پائيداريءَ جون پاڙون پراڻيون آهن. يورپ جي سترهين صديءَ جي ٻيلن ۾ وڻن جي ڪٽائي کي ڏسندي جڏهن ماهرن ڏٺو ته ڪٽيل وڻن جي ڀيٽ ۾ ڦٽيل وڻن جو تعداد گھٽ ھو۔ان ڳالهه کي سمجھندي ، تڏهن ”سُسٽينبل ييلڊ“ يا پائيدار ڪٽائي واري پيداوار جو تصور جنم ورتو. پوءِ مالتس، رڪارڊو ۽ مِل جهڙا مفڪّر آبادي، وسيلن ۽ حدن جي تڪرار تي بحث ڪرڻ لڳا. اڻويھين ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ماحولياتي سائنس ثابت ڪيو ته فطرت صرف خام/ڪچو مال نه آهي؛ اهو هڪ اھڙو جيئرو نظام آهي، جنهن ۾ انسان مالڪ نه پر رڳو هڪ جزو آهي.
سن 1972 ۾ Limits to Growth (پيداوري واڌ جون حدون)ڪتاب دنيا کي پهريون دفعو ڪمپيوٽر ماڊلن کي استعمال ڪندي ٻڌايو ته ڌرتي جي وسيلن جون مقداري حدون آهن، ۽ بنا ڪنھن حساب جي بي قابو ترقي سڌي ريت ھن ڌرتي جي گولي کي خطرن ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ان خيال کي وڌيڪ پختگي 1987ع جي برنڊٽ لينڊ رپورٽ ڏني، جنهن پائيدار ترقي جي اها مشهور وصف ڏني ته ”پائيدار ترقي اها ترقي آهي جيڪا موجوده نسل جي ضرورتن کي پورو ڪري، پر ايندڙ نسلن جي پنهنجن ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت تي ڪو سمجهوتو نه ڪري.“
پائيدار ترقي جي اھا وصف پنهنجي سادگيءَ ۾ انتهائي جامع ۽ اخلاقي قدرن ساڻ آھي.
روبرٽ ووس پائيداريءَ جي بحث ۾ سڀ کان اهم فڪري لاڙي جو ذڪر ڪري ٿو: ”ڪمزور پائيداري“ ۽ ”مضبوط پائيداري“. ڪمزور پائيداري جي نظريي مطابق فطرت جي نقصان کي انساني ٽيڪنالاجيءَ سان پورو ڪري سگهجي ٿو؛ معني ته قدرتي سرمايو/وسيلو، مصنوعي/ھٿرادو سرمائي سان بدلجي سگهي ٿو. جڏهن ته مضبوط پائيداري واضح ڪري ٿي ته ٻيلا، حياتياتي تنوع، درياھن جي حرڪت ۽ ماحولياتي توازن جهڙيون شيون ڪنهن به ٽيڪنالاجيءَ جو نعم البدل نه ٿيون بڻجي سگهن. ووس جي نظر ۾ پائيداريءَ بابت غلط فهميون گهڻو ڪري ان ڳالهه مان پيدا ٿين ٿيون ته انسان فطرت کي ڪهڙي اک سان ٿو ڏسي.
انهيءَ بحث دوران دنيا ۾ ”ٽِن دائرن“ يا ”ٽِن ٿنڀن“ وارو تصور مشهور ٿيو: ماحول، معاشرو، معيشيت. اهو ڏسڻ ۾ هڪ سهڻو نقشو ضرور آهي، پر پيوريس، ماؤ ۽ رابنسن جي تحقيق ثابت ڪري ٿي ته ان جا نظرياتي بنياد ڪمزور آهن. حقيقت ۾ معيشيت جو وجود معاشري جو حصو ٿئي ٿو، ۽ معاشرو فطرت جي اندر ئي موجود آھي؛ انڪري انھن کي ڌارڌار دائرن ۾ ڪيئن ٿو رکي سگھجي ؟! محققن مطابق اهو نقشو علمي ڳالهيون سمجهائڻ لاءِ ته آسان آهي، پر سائنسي حقيقت جو مڪمل دليل ۽ ثابتي نه ٿو ڏئي.
پائيداريءَ کي واضع ڪرڻ لاءِ فابر، يورنا ۽ فان اينخيلن اهو بنيادي سوال اٿاريو ته ”آخر اسان ڇا پائيدار بڻائڻ چاهيون ٿا؟“ ڪو فطرتي نظام؟ شهر؟ معيشيت؟ يا انساني رويا؟ ۽ پوءِ پائيداري کي ڪهڙي معيار ۽ ماڻ سان ماپيو وڃي؟ ھاڻوڪي حالتن سان ڀيٽ ڪري يا ڪنهن مثالي حالت جي مقابلي ۾؟ ان سان گڏوگڏ انسان ۽ فطرت جو تعلق ساڪت يا رڪيل آهي يا هڪ اهڙي حرڪت/ چرپر ڪندڙ حالت ۾ آھي، جيڪا هر پل بدلجي ٿي؟ انهن سوالن ثابت ڪيو ته پائيداري پنھنجي پر ۾ هڪ واحد نقطو نه آھي پر اھو نظرين، تجربن، مشاھدن ۽ ان سان لاڳاپيل تصوراتي سلسلن جو مجموعو آهي.
رابرٽسن ٻڌائي ٿي ته پائيداري کي سمجهڻ جو صحيح طريقو ”سرشتي واري سوچ/ سسٽم ٿنڪنگ“ آهي۔ اهو ياد رکڻ ته وڻ، درياهه، شهر، موسم، صنعت، زراعت ۽ انسان هڪ وڏي لاڳاپيل ڏوري يا زنجير سان ڳنڍيل آهن. جيڪڏهن هڪ ڪڙي ڪمزور ٿئي ٿي يا ٽٽي ٿي ته سڄو نظام/سرشتو ڌڏي، ڪنبي يا ڌوڻجي ٿو وڃي . سندس تحقيق مطابق پائيداري صرف فطرت جو مسئلو نه آهي؛ اهو طرز حڪمراني، سماجي انصاف، اقتصادي برابري ۽ گڏيل ذميواريءَ جو سوال به آهي. جيڪڏهن ادارا ڪمزور، معاشرا غيربرابر ۽ حڪمراني ناڪام هجي ٿي ته پائيداريءَ جو خواب ڪڏهن به حقيقت ۾ نٿو بدلجي سگهي.۽ آخر ۾، پائيداريءَ جو هڪ اهڙو پاسو ظاهرپڻ ٿيو آهي جيڪو گهڻو وقت ڄڻ لڪيل ئي رهيو: انسان جي پنھنجي وجود، اندر جي دنيا! ڪرسٽين واملسر جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته پائيداري صرف پاليسين، منصوبن يا ٽيڪنالاجي سان حاصل نٿي ٿئي؛ ان لاءِ انسان جي شعور، سندس همدردي، خود آگا هي، ۽ اخلاقي بيداريءَ جھڙا عنصر ضروري آھن. انسان جي اندر جي تبديلي ٻاهر جي نظام کي بھتر ( يا خراب ) ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. اندر جي اپٽار ۽ اجاريندڙ سوچ، غور ۽ فڪر، همدردي ۽ لاڳاپو؛ اهي سڀ پائيداريءَ جون چپ واريون خاموش، پر بنيادي ڪڙيون آهن.
پائيداري اسان کي اهو سيکاري ٿي ته ڌرتي جو گولو اسان جي ملڪيت نه آهي؛ اسين فقط ان جا امانت جا، بھتر عقل جي ڪري امين آهيون. ۽ امين هجڻ جو مطلب اهو آهي ته جيڪو ورثو اسان کي مليو آهي، ان کي نه صرف بچايون پر بهتر ڪري ايندڙ نسلن جي حوالي ڪريون. سائلينٽ سپرنگ اسان کي ”سانت بهار“ جو حقيقي ڏس ڏنو هو، ته ان ڊيڄاريندڙ بھار کي مَٽائڻ لاءِ پائيداري جو گس وٺڻ اوس آھي، جنھن سان ھن ڌرتي کي بھارون پکين جي ھلار ۽ ٽانڊاڻن جي ستارن واريون موٽائي ملنديون ۔
(هن مضمون جو مواد ۽ فڪري بنياد هيٺين محققن ۽ سندن تحقيق تي ٻڌل آهيSalas-Zapata & Ortiz, Robert O. Vos, Purvis-Mao-Robinson, Faber-Jorna-Van Engelen, Christine Wamsler, )۽ Robertson.