18 هين ترميم جي ڪامياب تجربي کان پوءِ وفاق، صوبن تي پنهنجو اعتماد وڌائي

رپورٽن موجب گذريل خميس تي يارهين قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جو جيڪو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبن وچ ۾ مالياتي معاملا اڳتي وڌائڻ لاءِ 6 يا 7 ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تنهن اجلاس ۾ وفاق، صوبن کان خرچن جا تفصيل طلب ڪيا جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير اعتراض اٿاريو ته هي فورم ان بابت پڇاڻو نٿو ڪري سگهي ٻيو ته اين ايف سي تحلت ملندڙ رقم خرچ ڪرڻ صوبن جو اختيار آهي. اين ايف سي جي حوالي سان ڪالهه به پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق کي گهرجي ته اهو 18 هين ترميم جي قانون تحت صوبن کي مليل مالياتي حصي کي برقرار رکي جڏهن ته ڪي وفاقي وزير ان جا خواهشمند آهن ته صوبن جو مالي حصو گهٽايو وڃي ۽ اهو حصو وفاق کي ملي جڏهن ته اسان وفاق کي آڇ ٿا ڪريون ته سنڌ صوبي کي وڌيڪ مالياتي حصو ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ کي ارڙهين ترميم تحت مالياتي حصو وڌيڪ مليو ته ان اها رقم صحت جي شعبي تي خرچ ڪري شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ صوبي اندر ڪيتريون ئي  دل جون اسپتالون قائم ڪيون آهن جتي ٻين صوبن مان به وڌي تعداد ۾ آيل مريضن هتي مفت ۾ پنهنجو علاج ڪرايو آهي سو پنهنجو خيال اهو آهي ته وفاق وڌ ۾ وڌ مالياتي حصو صوبن کي ڏي ته جيئن صوبائي حڪومتون عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته هاڻي بلوچستان جو وڏو وزير به اها خواهش ڏيکاري رهيو آهي ته مان به  بلوچستان ۾ دل جي شعبي جي اسپتال قائم ڪرايان تنهن ڪري وفاق کي گهرجي ته اهو صوبن کي وڌ ۾ وڌ مالي حصو مهيا ڪري. بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته ٽيڪس جي اوڳاڙي جو نظام به صوبن وٽ هئڻ گهرجي اهي ان معاملي ۾ به وفاق کان وڌيڪ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا.

اسان بلاول ڀٽو زرداري جي ان موقف سان متفق آهيون ته وفاق جيترو صوبن کي خودمختيار ڪندو صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي ان حساب سان سٺي ٿيندي ويندي. اهو اصولي موقف آهي ۽ 73 واري آئين ۾ به ايئن ئي آهي ته  وفاق ٽي يا چار کاتا پاڻ وٽ رکي ٻيا صوبن کي منتقل ڪيا وڃن. اهڙي موقف جا حامي اسان ته 18 هين ترميم اچڻ کان اڳ  به هياسين پر افسوس ته وفاق جو پي ٽي آءِ جي حڪومت کان وٺي هاڻوڪي مسلم ليگ (ن) جي وفاق حڪومت تائين اهو خيال رهيو آهي ته ارڙهين ترميم کان پوءِ وفاق کي گهٽ مالياتي حصو رهجي وڃي ٿو جنهن ڪري ان جي انتظام ڪاري متاثر ٿي رهي آهي. هاڻي ته ڪجهه وفاقي وزيرن  جي اها به خواهش آهي ته جيڪر صحت ۽ تعليم جي شعبا به وفاق جي حوالي ڪيا وڃن. انهيءَ لاءِ 27 هين ترميم ۾ به بحث ڪيو ويو پر ڪجهه جماعتن خاص ڪري پ  پ جي مخالفت سبب ان معاملي 27 هين ترميم ۾ ته شامل نه ڪيو ويو پر 28 هين ترميم ۾  آڻي مسلم ليگ ان ۾ اهڙو  بندوبست  ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت وري وفاق کي وڌيڪ اختيار ڏيارڻ جي خواهش مند آهي.

ان حوالي سان اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ پاسي وفاقي حڪومت مڪاني نظام کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز رکي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري اها صوبن کي کي مليل ڪجهه  حق انهن کان واپس وٺڻ جو به سوچي رهي آهي جيڪو وڏو تضاد آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته اها صوبن کي وڌيڪ حق ۽ مالي حصو ڏيڻ کان پوءِ مڪاني نظام جي مضبوطي جي ڳالهه ڪري ۽ صوبن لاءِ اهو مثال قائم ڪري ته جيئن وفاق پنهنجا اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪيا آهن تيئن صوبا به هاڻي پنهنجا اختيار مڪاني سطح تي منتقل ڪري ته جيئن اقتدار هيٺين ضلعي ۽ يوسيز سطح تي پهچي سگهي ۽ عوام جا مسئلا ان صورت ۾ هيٺين سطح تي ئي بهتر نموني حل ٿي سگهن پر وفاقي حڪومت لڳي ٿو ته ان معاملي ۾ چٽي ناهي.

اصل ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي نظرياتي پاليسي ۾ اهو ئي فرق آهي ته مسلم ليگ (ن) هميشه وفاق کي بااختيار ڪيو آهي جڏهن ته پ پ وري 73 جي آئين تحت هميشه صوبن جي خودمختياري کي اوليت ڏني آهي. ويجهي تاريخ ۾ پ پ جا ٻه  جيڪي يادگار ڪم رهيا آهن انهن ۾ هڪ ميثاق جمهوريت  آهي ۽  ٻيو 18 هين ترميم تحت وفاق کان ڪافي شعبا صوبن کي ڏيارڻ. پر افسوس ته اسان وٽ صوبن جي حقن ۽ مفاد کي صوبائيت واري سوچ سمجهي ڪري ان خلاف غلط قسم جي پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي ۽ ملڪ جو سچو  حلالي ان کي سمجهيو ويندو آهي جيڪو وفاق جي واڌو اختيارن جو قائل ۽ حامي هجي جڏهن ته اصولي طور تي ڏسجي ته  وفاق تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن صوبا مضبوط ۽ بااختيار هوندا.

ان حوالي ۾ 18 هين ترميم  جا تمام سٺا نتيجا به نڪتا آهن  پر لڳي ٿو ته تعصب جي نظر سان ڏسندڙ طاقتن کي صوبن جي خودمختياري ۽ بااختياري قبول ناهي ۽  وري اهو ڪم جيئن ته پ پ ڪيو آهي ته ان جي دشمني ۾ به ان جي مخالف جماعتن کي اها ترميم پسند ناهي. جڏهن ته ڏسجي ته پ پ سڀني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي ۽ اٺن نون مهينن جي ڳالهين ۽ بحث مباحثن کان پوءِ 18 هين ترميم آندي ۽ ايئن ئي ذوالفقار علي ڀٽي 1973 جو آئين  پڻ سڀني پارلياماني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي قبول ۽ منظور ڪرايو هو جنهن جو اعتراف مولانا فضل الرحمان به ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ ۾ ڪيو هو. سو جيئن پ پ 1973 ۽ 18 هين ترميم جي موقعي تي سڀني پارلياماني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي قانون منظور ڪرايا تيئن مسلم ليگ (ن) 27 هين ترميم نه آڻي سگهي. ان ترميم کي تمام گهڻو  تڪراري سمجهيو وڃي ٿو. چوڻ جو مقصد آهي ته ڪا به ترميم آڻڻي هجي يا اين ايف سي ايوارڊ جو معاملو هجي ان ۾ سڀني پارلياماني جماعتن کي هڪ پيج تي آڻڻ لازمي آهي پوءِ ان معاملي ۾ ڀلي دير ٿئي تڪڙ جي  ڪا ضرورت ناهي ۽ اسان  پ پ کي به زور ڀرينداسين ته اها پنهنجي موجوده موقف تي قائم رهي ۽ ان معاملي تي ڪو ڪمپرومائيز نه ڪري. اسان پ پ ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ان پاليسي سان سهمت آهيون ته صوبن جا اختيار ۽ شعبا گهٽائڻ بدران وڌايا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.