حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب 7 سالن جي ٻارڙي فوت

ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ بخار تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، ڪراچي جي اسپتالن ۾ بخار سبب متاثر مريضن جي انگ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ڊاڪٽرن موجب ٻارن ۾ نزلو ۽ کنگهه شدت  اختيار ڪري نمونيا جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڊينگي جا وار پڻ جاري آهن، حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب هڪ 7 سالن جي ٻارڙي فوت ٿي وئي، جنهن سان هن سال سنڌ ۾ ڊينگي سبب فوتين جو انگ 39 تي پهچي ويو، صحت کاتي سنڌ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڊينگي جا 173 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن جو بهترين علاج ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.