ميرپورساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪرو ويجهو يونين ڪائونسل ڪڪڙاند جي ڳوٺ محمد اسماعيل رند ۾ 17 ورھين جي نينگر کي مبينا اغوا ڪري بدترين تشدد ڪري بي حال حالت واري وڊيو وائرل ڪئي وئي ، نينگر جي اڻ وڻندڙ وڊيو وائرل ٿي وئي، 17 جي نينگر نورالدين رند کي ميبنا تشدد جو نشانو بڻائي اڻ وڻندڙ وڊيوز وائرل ڪيون ويون، گذريل ٻن ڏينهن کان اسان جو نينگر گم آهي نينگر کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي وڊيوز وائرل ڪيا ويا، تڏهن خبر پئي باقي اسان جو نينگر نورالدين رند اڃا تائين لا پتا آهي، اسان جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناھي ، ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي، پنهون رند آزاد رند دين محمد رند ۽ ٻين چيو ته اسان جي نينگر سان ظلم ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، سئوٽ عامر رند ۽ ٻين پوليس پاران رپورٽ داخل ھجڻ باوجود ڪا اڳڀرائي نه ٿي وارث سخت پريشان بڻيل آهن.