نتيجن ۾ ڦيرپار تي بورڊ عملدارن خلاف پڪو چالان منظور

ڪراچي (رپورٽر)صوبائي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن امين الله صديقي جي عدالت ۾ انٽر جي شاگردن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار جعلسازي، فنڊن ۾ گهوٻين، غيرقانوني ٽينڊر ڪرڻ جي ڪيس واري ڪيس ۾  انٽربورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين سميت بورڊ عملدارن خلاف جاچ آفيسر پڪو چالان پيش ڪري ڇڏيو، عدالت چالان منظور ڪندي جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 جنوري 2026 تائين ملتوي ڪندي سمورن جوابدارن۽ جاچ کي طلب ڪري ورتو، جاچ آفيسر عدالت ۾ اڳوڻي چيئرمين انٽر بورڊ ڊاڪٽر سعيد الدين، اڳوڻي ڪنٽرولر انور عليم راجپوت، اڳوڻي اسسٽنٽ ڪنٽرولر محمد عطر ، محمد اسلم چوهاڻ سميت ٻين جوابدارن خلاف عدالت ۾ چالان پيش ڪيو، جاچ آفيسر چالان ۾ بورڊ آفيس جي آءِ ٽي ڊائريڪٽر شرير وقار کي جوابدار طور نامزد ڪيو، عدالت آءِ ٽي ڊائريڪٽر کي جوابدار طور شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جاچ آفيسر چيو ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ جوابدارن شاگردن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري حقدار شاگردن جو مستقبل خراب ڪرڻ جا الزام آهن، وڏي جي جوڙيل انڪوائري ڪميٽي ۾ انڪشاف ٿيو ته جوابدارن نتيجن ۾ ڦير ڦار کان علاوه ، غيرقانوني ٽينڊر ڪيا، فنڊن ۾ گهوٻيون هڻڻ ، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.