تلھار جي يونين ڪائونسل چانري جي ديھه ڪنڊڙي ۾ سرڪاري اسڪولن جي ڳولا ڪندي شام ٿي وئي، پر اسڪول هٿ نه آيا. ڪاري موري وٽان جڏهن اندرئين علائقي ۾ آياسين ته ڪچيون، ٽٽل ۽ ڦٽل بائونڊريون سامهون نظر آيون، جن تي هلندي هلندي موٽر سائيڪل جا ٽائر به پنچر ٿي ويا. نيٺ هٿ آئي ڪچي اڏاوت ٿيل نظاماڻي نالي اوطاق، جتي هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول هلندڙ حالت ۾ مليو، جيڪو حڪومت سنڌ طرفان 1983ع ۾ ريڪارڊ ۾ ته رجسٽرڊ آهي، پر شروعات کان اڄ تائين هن اسڪول کي بلڊنگ ڏيڻ ۾ ڪاميابي نه ملي. شروعاتي ڏينهن ۾ ڳوٺ غلام علي نظاماڻي جي جي پي ايس ڳوٺ نظاماڻي جو هي اسڪول کجيءَ جي وڻ هيٺ هلندو رهيو. پوءِ جيڪا ڪچي اڏاوت وقت بوقت ٺهي، سا ڊهي پٽ ٿيندي رهي. آخرڪار نعمت الله نظاماڻي پنهنجي اوطاق وارو پلاٽ معصوم ٻارڙن جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، ۽ اسڪول تڏهن کان اتي ئي پيو هلي.
هن اسڪول جي ڀرسان گائي خاصخيلي نالي ڳوٺ ۾ به هڪ اسڪول 1983ع جي اندازي موجب رجسٽرڊ مليو، جنهن کي 2005ع ۾ سرڪار بلڊنگ فراهم ڪئي وئي، پر اها به ڪجهه عرصي بعد ٽٽي ڀري پئي. پوءِ اتي جيجي ڪريمان گونگ ٽري طرفان اسڪولي عمارت، فرنيچر ۽ ٻيون سموريون سهولتون مهيا ڪيون ويون. پر افسوس جو ڳوٺ نظاماڻي وارو جي پي ايس اڄ به پنهنجي جڳهه تي ائين جو ائين بيٺل آهي بلڊنگ کان محروم، حالتن جي رحم ڪرم تي.
وزير تعليم سنڌ سيد سردار شاهه صاحب، سوال اوهان اڳيان رکجي ٿو ته ڇا ديهھ ڪنڊڙي جو هي پرائمري اسڪول اوهان جي ريڪارڊ ۾ موجود آهي يا نه؟ يا وري ڪاغذن ۾ هن جي ڪا تعمير ٿيل عمارت به “تعميرشده” جي خانن ۾ فائلن ۾ بند پئي آهي؟ ڇاڪاڻ ته اوهان جي علم ۾ آڻيندو هلان ته هي اسڪول شروعات کان اڄ 2025ع تائين سرڪار طرفان ڪنهن به قسم جي مستقل عمارت کان محروم رهيو آهي.
ها، اسڪولن جا کنڊرات ۽ زبون حال عمارتون ته عام ڳالهه هيون، پر هتي ته عمارت جو وجود ئي ڪڏهن پيدا نه ٿيو هيءَ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. ڇا تعليم ۾ سڌارا آڻڻ جو طريقو اهو ئي آهي؟ سنڌ جي 833 اسڪولن واري فهرست ۾ خداڪارڻ ئي سهي، جيڪر هن اسڪول جو نالو شامل ڪيو وڃي ها ته ماڻهو چئي به وٺن ها ته بلڊنگ ته حڪومت ٺهرائي هئي، پر وسيلن جي کوٽ يا کوٽائتي سار سنڀال سبب تباھ ٿي وئي. پر هتي ڳالهه اُلٽي آهي بلڊنگ ئي ناهي، تباھي جو سوال ئي ناهي. سنڌ اسيمبلي ۾ هن معاملي بابت ضرور سوال ٿيڻ گهرجي. ايجوڪيشن ورڪس سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کان به پڇا ٿيڻ گهرجي ته ڪٿي 1983ع ۾ هن اسڪول جي عمارت ڪاغذن ۾ ته تعمير ٿيل ناھي ڏيکاري وئي؟ يا ڪا اڻڄاتل عمارت رات جي پيٽ ۾ گم ته نه ٿي وئي؟
تعليمي درسگاهن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ وزير تعليم ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي اهڙن ڪلورن جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي. تحقيق ڪرڻ گهرجي ته آخر تلھار تعلقي جو اهو واحد سرڪاري اسڪول بلڊنگ کان اڄ تائين ڇو محروم رکيل آهي، جنهن کي اڄ تائين سرڪاري طور عمارت منظور ٿي ملي نه سگهي؟ يا ڪٿي ڪو ٽيڪنيڪي فالٽ، انتظامي کوٽ يا ڪنهن مرحلي تي فائلن جي ڀيڙ ۾ هي اسڪول دٻجي ته نه ويو؟