اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي هر سال نيوزي لينڊ جي پوري آبادي جي برابر وڌي رهي آهي، جنهن ڪري صحت، تعليم، معيشت ۽ بنيادي سهولتن تي سخت دٻاءُ پئجي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستان پاپوليشن سمٽ کي خطاب ڪندي هن آبادي ۾ تيزي سان واڌ کي هڪ سنگين مسئلو قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻارن ۽ مائرن جي صحت جا مسئلا، ٻارن جي موت جي شرح ۾ واڌ ۽ وسيلن جي کوٽ هن چئلينج سان سڌو سنئون ڳنڍيل آهن. هن چيو ته آبادي جي مسئلي کي نظرانداز ڪرڻ هڪ قومي الميو آهي، شعور جي کوٽ سبب مائرن جا مسئلا ثانوي بڻجي ويندا آهن. وفاقي وزير موجب، عالمن، ميڊيا، حڪومت، وڪيلن ۽ صحافين سڀني کي وڌندڙ آبادي جي مسئلي تي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عورتن جي ڪم ڪرڻ جي گهٽ شرح پڻ هڪ سماجي مسئلو آهي جنهن کي شعور سان بهتر بڻائي سگهجي ٿو. عطاءُ تارڙ متوازن آبادي کي ترقي لاءِ ضروري قرار ڏنو. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جي آبادي ۾ 20 کان 25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي پر حڪومت وڌندڙ آبادي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. پاڪستان پاپوليشن سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن گوادر سميت متبادل بندرگاهون فعال ٿين ها ته آبادي ۽ معاشي دٻاءُ رڳو ڪراچي تي نه هجي ها. سندس مطابق، آبادي ۾ تيزي سان واڌ ميونسپل سروسز، صحت ۽ تعليم جي مسئلن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪراچي بي ترتيب واڌ مان گذري رهيو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ميونسپل انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو ويو آهي ۽ پاڻي جي فراهمي جي منصوبن تي به ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ اڻڄاتل ماڻهو رهن ٿا، تنهن ڪري رهائش ۽ آبادي لاءِ هڪ واضح پاليسي ۽ ايڪشن پلان ضروري آهي. هن چيو ته ڪراچي کي 38 مختلف ادارا هلائي رهيا آهن، جن مان 12 وفاقي حڪومت جي ماتحت آهن، ۽ شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سڀني ادارن سان رابطو ڪيو پيو وڃي. ميئر موجب، ڪراچي ۾ ساوڪ رڳو 5 کان 6 سيڪڙو آهي ڇو ته پراڻا وڻ ڪٽيا ويا آهن، پر شهر هاڻي ڪلائيميٽ ايڪشن پلان جو حصو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته آبادي جي منصوبابندي هاڻي ماضي جي حڪومتن جي ترجيح نه رهي هئي، هاڻي هن مسئلي کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو آهي ته آبادي ۾ واڌ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ اسان جي اجتماعي ذميواري آهي. آبادي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته ان شعور پيدا ڪيو آهي ته هڪ انسان جي جان بچائڻ پوري انسانيت کي بچائڻ جي برابر آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن اهڙا موضوع بحث لاءِ ايندا آهن ته انهن کي پرڏيهي ايجنڊا سڏيو ويندو آهي. جڏهن مائرن ۽ ٻارن جي صحت جي ڳالهه اچي ٿي ته ماڻهو سمجهن ٿا ته اهو واقعي هڪ وڏو سبب آهي. ڊاڪٽر قبلا اياز جو چوڻ آهي ته حڪومت کي تفريحي وسيلن تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي، آئين موجب تعليم کي هٿي ڏيڻ سان آبادي متوازن ٿيندي. پاڪستان پاپوليشن سمٽ کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قبلا اياز چيو ته اسلام آباد ۾ خاندانن لاءِ مناسب تفريحي سهولتون نه آهن، ماڻهو ماحول جي ڪري ٻاهر ناهن نڪرندا، تفريح جي کوٽ آبادي ۾ واڌ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت کي تفريحي سهولتون وڌائڻ گهرجن.