ٻار جو موت: ميئر خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ 3 درخواستون

ڪراچي (رپورٽر) نيپا چورنگي جي ويجهو کليل مين هول ۾ ڪرڻ سبب 3 سالن جي ٻار ابراهيم جي موت تي ڪراچي جي ميئر، ٽائون چيئرمين، ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن، بي آر ٽي ٺيڪيدار ۽ ٻين خلاف سيشن ڪورٽ ۾ ٽي درخواستون داخل ڪيون ويون. درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته ايڌي فائونڊيشن جي رپورٽ موجب هن سال گٽر ۾ ڪرڻ سبب 23 شهري فوت ٿي ويا آهن. درخواست ڪندڙن چيو ته بچاءُ آپريشن بند ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ شهرين پنهنجي مدد سان ڳري مشينري سان کوٽائي ڪئي ۽ آپريشن ٻيهر شروع ڪيو. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته نامزد جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ جاچ لاءِ ايس پي رينڪ آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

  1. سمورو جمهوري نظام ئي گٽر ۾ ڪريل آهي

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان لکيو آهي ته نيپا چورنگي ۾ گٽر ۾ ٻار ڪري فوت ٿيڻ وارو واقعوناقابل برداشت آهي،سنڌ حڪومت مجرم آهي،ميئر ڪراچي مجرم آهي،هن ٽوئيٽ ڪيو ته هن ماءُ جي درد، سُڏڪن ۽ بددعا کان اهي ڪيئن بچي سگهن ٿا؟ هن چيو ته ابراهيم، جيڪو صرف ٽن سال جو هو، نيپا ويجهو هڪ کليل مين هول ۾ ڪري پيو،هي سنڌ جي حڪمرانن جي مجرماڻي غفلت ۽ ڪرپشن جو نتيجو آهي، هڪ ٻيو حادثو انهي شهر ۾ جتي 2024 ۾ هيل تائين 24 ماڻهو اهڙي ئي طريقي سان فوت ٿي چڪا آهن.افسوسناڪ،، هي ڪهڙي حڪومت آهي؟؟ڇا انهن جي ڇاتيءَ ۾ دل ناهي؟؟؟جماعت اسلامي جي اڳوڻي سربراهه سراج الحق لکيو ته الميو اهو آهي ته کليل گٽر ۾ رڳو هڪ معصوم ٻار نه پيوپر پاڪستان جو سڄو جمهوري نظام ئي انهيءَ گٽر ۾ پيو آهي.جتي نه انسان جي عزت محفوظ آهي، نه جان ۽ ملڪيت جي ڪا قيمت باقي آهي.هي حادثو نه، پر سڙيل نظام جي ناڪامي جا آواز آهن، جن کي تبديل ڪرڻ جي انتهائي ضرورت آهي.

  1. ابراهيم جي موت جو ڪيس ميئر خلاف داخل ڪيو وڃي: ڪراچي بحالي تحريڪ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي بحالي تحريڪ مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب خلاف ٽن سالن جي ابراهيم جي مبينا موت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ڪي ايم سي هيڊ آفيس ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته شهر ۾ ڊمپر مافيا ۽ کليل گٽر آهن، انتظامي غفلت جي ذميواري ميئر تي آهي. اڳواڻن اعلان ڪيو ته جيستائين ميئر خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي ۽ سندس استعيفيٰ نه ايندي تيستائين شهر ۾ مختلف هنڌن تي احتجاجي ڪيمپون هڻنداسين. اڳواڻن ڪراچي بحالي تحريڪ جي ڪنوينر اشرف جبار قريشي، سي پي ايل سي جي باني ناظم ايف حاجي، ڪراچي سٽيزن فورم جي نرگس رحمان، ظفر جميل شيخ ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت معاملي کي ڪميٽين ۽ جاچ سان نه الجھائي، پر ذميوارن خلاف سڌو سنئون ڪارروائي ڪري.

  1. گٽر ۾ ڪريل ٻار جو لاش ڪڍندڙ نينگر کي ايس ايس پي هار پارايو

ڪراچي (رپورٽر) نيپا چورنگي جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻار جو لاش ڪڍيندڙ نينگر کي ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ هار پارايو، سندس واکاڻ ڪندي کيس گلدستو پيش ڪيو.

  1. نيپا واقعي جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي:  ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان نادر نبيل گبول چيو آهي ته گٽرن تي ڍڪڻ لڳايا ويندا آهن پر نشو ڪندڙ انهن ڍڪڻن کي کڻي ويندا آهن. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي نادر نبيل گبول چيو ته نيپا واقعو جنهن جي به غفلت سبب ٿيو آهي انهي کي سخت سزا ملڻ گهرجي. ڪوشش ڪنداسين ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. نادر گبول چيو ته گٽر تي ڍڪڻ لڳايا ويندا آهن پر انهن ڍڪڻن کي نشو ڪندڙ کڻي وڪرو ڪندا آهن. اپوزيشن پارٽيون اهڙن معاملن کي سياست جي نذر نه ڪن، اسان سان گڏجي ويهي ڳالهيون ڪن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو پلان آهي ته سمورن سوڪ مسئلن لاءِ ون وڊيو آپريشن ٿئي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي وڃي. اسان ٽائون کي به فنڊ ڏئي رهيا آهيون. پروگرام  ۾ ڳالهيون ڪندي جماعت اسلامي  ڪراچي جي امير منعم ظفر چيو ته جنهن جڳهه حادثو پيش آيو اها شاهراهه 3 سالن کان کوٽيل آهي. انهي تي بي آر ٽي بڻجي رهيو آهي. ٽائون چيئرمين جي ڪابه ذميواري نٿي بڻجي، پر اسان جا چيئرمين ۽ ڪونسلر اتي موجود هئا. هن چيو ته اسان پنهنجي وسيلن مان 30 هزار مين هول جا ڍڪڻ ٺهرايا ۽ لڳايا آهن.

  1. نيپا سانحي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪريون پيا : ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نيپا چورنگي ويجهو مين هول ۾ ٻار جي ڪرڻ ۽ فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي، اهو واقعو تمام گهڻو دل ڏکوئيندڙ آهي، غفلت ۾ ملوث ڪنهن به شخص خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙو يقين صوبائي وزير گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏياريو. هن  چيو ته جاچ ڪميٽي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ موجود سڀني پارٽين جي نمائندن ۽ سينئر آفيسرن کي شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته اهڙي واقعي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، لاڳاپيل ڪميٽي اسپيڪر جي هدايتن تحت جوڙي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.