سنڌ اسيمبلي ۾ گئس کوٽ خلاف قرارداد منظور،اي چالان خلاف ٺهراءُ رد

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرائيويٽ ميمبرن واري ڏينهن جي موقعي تي مخالف ڌر جي ميمبرن جون ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون، جڏهن ته جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق پاران ڪراچي ۾ اي-چالان بابت پيش ڪيل قرارداد کي اسپيڪر غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم جي ميمبر عامر صديقي ڪراچي ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف ايوان ۾ پنهنجو پرائيويٽ قرارداد پيش ڪيو، جنهن جي حڪومتي ميمبرن پاران پڻ حمايت ڪئي وئي ۽ اها قرارداد هڪ ترميم سان منظور ڪئي وئي ته  ڪراچي جي بدران سموري سنڌ ۾ گئس جي کوٽ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ بحث ڪيو وڃي. قرارداد پيش ڪندي عامر صديقي چيو ته ڪراچي شهر ۾ گئس ناهي، سنڌ جي وڏي وزير کي معاملو سي سي آءِ ۾ اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته سوئي گئس پاران ڪراچي جي سمورن ٽائونز جي ترقي لاءِ14 ارب ڏنا آهن، پر اڃا تائين روڊ نه ٺهي سگهيا آهن. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان امير صديقي جي قرارداد جي مخالفت نٿا ڪري سگهون ڇاڪاڻ ته اهو سموري سنڌ جو اهم مسئلو آهي. پيپلز پارٽي جي غلام قادر چانڊيو چيو ته اسان هن قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا، قرارداد ۾ ڪراچي جي بدران سموري سنڌ لکڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ ۾ گئس جي کوٽ آهي. ايم ڪيو ايم جي راشد خان چيو ته حيدرآباد ۾ به گئس جي کوٽ آهي، جيتوڻيڪ حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊو عالم گئس فيلڊ به موجود آهي جميل سومرو چيو ته گئس جو مسئلو سڄي سنڌ جو آهي، آئين ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جي وسيلن تي سڀ کان پهريائين انهيءَ صوبي جو حق آهي، پي ٽي آءِ جي شبير قريشي چيو ته سي اين جي پمپ بند ڪيا وڃن، ڪراچي ۾ گئس بلڪل به موجود ناهي، ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته پاڪستان جو آئين اسان کي صوبي جي حقن جي حفاظت جي اجازت ڏئي ٿو،صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ لاءِ گيس جي فراهمي تڪليف ڏيندڙ آهي، سنڌ 2000 ايم ايم سي ايف ٽي گئس پيدا ڪري ٿي پر سنڌ کي ڪڏهن ڪڏهن 900 ايم ايم سي ايف ٽي گئس ڏني وڃي ٿي. جنهن بعد سنڌ اسيمبلي ۾ڪارروائي دوران گڏيل طور تي گئس جي کوٽ خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي،جڏهن ته  جماعت اسلامي جي ميمبر فاروق احمد ڪراچي ۾ اي-چالان بابت قرارداد پيش ڪئي، جنهن جي حڪومت مخالفت ڪئي ۽ بعد ۾ اسپيڪر فيصلو ڏنو ته معاملو هن وقت عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ ان ڪري ان تي ايوان ۾بحث نه ٿو ڪري سگهجي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ قرارداد جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت ٽريفڪ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ۽ حادثن کي گهٽائڻ لاءِ سچائي جي بنيادن تحت ڪم ڪري رهي آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا اي-چالان جي لاڳو ٿيڻ سان شهر اندر بهتري نه آئي آهي؟ هن چيو ته هيلمٽ پائڻ ۽ موٽر سائيڪل هلائڻ سان حڪومت کي ڪهڙو فائدو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هيلمٽ پائڻ سان موٽر سائيڪل هلائي ٿو ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.