اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) تازن انگن اکرن موجب، هر سال پاڪستان ۾ معاشي بهتري جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي پر اصل صورتحال مختلف آهي. پاڪستان گذريل 30 کان 35 سالن کان معاشي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ پيداواري شعبي ۾ ڪا خاص ترقي نه ٿي آهي. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نديم ملڪ ٻڌايو ته چيني سيڙپڪاري جي تحت، ٻن کان ٽن سالن جي عرصي دوران انفراسٽرڪچر ۾ ڪجهه بهتري آئي، پر بعد ۾ 25-30 ارب ڊالر جي ادائيگين جي ڪري، ملڪ ادائيگي جي توازن جي بحران ۾ ڦاسي پيو. نومبر ۾ برآمدات آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 15.8 سيڪڙو ۽ گذريل سال نومبر جي ڀيٽ ۾ 15.35 سيڪڙو گهٽجي وئي. سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ واپاري خسارو 37 سيڪڙو وڌي ويو. ماهرن موجب، وڏين صنعتن تي 60 سيڪڙو ۽ پگهاردار طبقي تي 40 سيڪڙو ٽيڪس جي شرح جي ڪري سيڙپڪاري ناهي ٿي رهي، ۽ ڪيترائي ماهر پاڪستان جي بدران گڏيل عرب امارات، قطر ۽ سعودي عرب ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. 2021-22 ۾ پاڪستان جي برآمدات 31 ارب ڊالر هئي ۽ هن سال 30-32 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته معيشت کي رڳو ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ، مقامي صنعتڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ برآمدات وڌائڻ سان مستحڪم ڪري سگهجي ٿو.