اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس ظفر راجپوت ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس ڪامران خان ملاخيل جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ پهرئين اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 سينيئر ججن قائم مقام چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت، جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس محمود اي خان جي نالن تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس ظفر راجپوت جي نالي جي منظوري ڏني.جڊيشل ڪميشن جي ٻئي اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 3 سينيئر ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو، جن ۾ جسٽس ڪامران خان ملاخيل، جسٽس اقبال احمد ڪانسي ۽ جسٽس شوڪت علي درخشاني شامل هئا.ذريعن موجب ڪميشن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس لاءِ جسٽس ڪامران خان ملا خيل جي نالي جي منظوري ڏني. جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جسٽس ميان گل حسن ارونگزيب کي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان اجلاس ۾ هڪ ميمبر جسٽس منيب اختر جسٽس ميان گل حسن ارونگزيب کي مستقل جج مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، پر ان جي باوجود، اڪثريتي راءِ سان انهن جي مقرري جي منظوري ڏني وئي.