سماج بدلائڻ ڇو ضروري آهي

سامي ميمڻ

سماج انسانن جي گڏيل زندگيءَ جو اهو جڙاءُ آهي، جتي ماڻهو هڪ ٻئي سان گڏجي رهن، هڪ ٻئي تي ڀاڙين، ضابطا ٺاهين، قدرن کي جنم ڏين ۽ گڏجي پنهنجي آئيندي  بابت فيصلا ڪن. انسان اڪيلي سر ڪڏهن به مڪمل زندگي نٿو گذاري سگهي عزت، روزگار، تحفظ، تعليم، پيار، نفرت، قانون، اخلاقيات اهي سڀ شيون سماج سان جڙيل آهن تنهن ڪري سماج ئي اهو وڏو دائرو آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي وجود، پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي جدوجهد کي معنيٰ ڏئي ٿو. پر سماج پهنجي وجود ۾ اچڻ سان ئي وقت سان گڏ بدلجڻ جي گهرج به رکي ٿو. ڇو ته وقت، ضرورتون، مسئلا، مصيبتون ۽ حالتون بدلبيون رهن ٿيون ۽ جيستائين سماج پاڻ کي انهن بدلجندڙ حالتن مطابق تبديل نٿو ڪري  تيستائين ترقي ممڪن ناهي هتي اسان سماج جي مفهوم، سماج جي ٺهڻ جي عمل، انصاف ڀريي سماج ۽ اڻبرابري واري سماج جي فرق، ۽ آخر ۾ سماج کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪهڙا ماڻهو ڪهڙيون ڪوششون ڪن ٿا انهن سڀني پاسن کي تفصيل سان جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين .

سماج ماڻهن جي اهڙي منظم گڏجي رهڻ کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ ماڻهو هڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿا. اها رهڻي ڪهڻي  ڪنهن به صورت ۾ هجي ڳوٺ، شهر، قبيلو، قوم، رياست يا عالمي سطح تي رهڻي ڇو نه هجي  سماج هميشه گڏيل ذميوارين ۽ گڏيل مقصدن تي بيٺل هوندو آهي.انسانن جو گڏيل وجود قدر، روايتون ۽ ثقافت قانون ۽ ضابطا ادارا اسڪول، عدالتون، پوليس، ڪٽنب وغيره مطلب ته  سماج رڳو ماڻهن جو مجموعو ناهي، پر انهن جي روين، رشتن، نظام  ۽ روزمرهه جي عملن جو نالو آهي هي ڳالھه ڌيان سان سمجهڻ گهرجي ته سماج آهستي آهستي انساني ضرورتن جي بنياد تي جڙندو آهي. جڏهن ماڻهو گڏجي رهڻ شروع ڪن ٿا، ته انهن کي ڪجهه قاعدا ٺاهڻا پون ٿا پوءِ اهي قاعدا وقت سان گڏ قانون بڻجن ٿا، ۽ انهن قانونن مطابق ادارا ٺهن ٿا اهو لازمي آهي ته ضرورتن جو گڏيل احساس، تحفظ، خوراڪ ۽ تعلق حاصل نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري گڏجي رهڻ لازمي ٿيو. ساڳي زبان، ساڳي ثقافت، ساڳيون روايتون سماج کي مضبوط ڪن ٿيون.تعليم، صحت، قانون، معاشي نظام اهي ادارا سماج کي منظم ڪن ٿا ۽ ڪو نه ڪو گروهه يا قيادت سماج کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ذميواري کڻي ٿي انصاف ڀريو سماج اهو هوندو آهي جتي هر ماڻهو کي برابر حق، موقعا ۽ سهولتون ملن. جتي قانون طاقتور نه پر انصاف جي بنياد تي هلندو. جتي دولت، پهچ يا طاقت جي بنياد تي ماڻهن کي گهٽ يا وڌيڪ اهميت نه ڏني وڃي .

اسان دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ڏسون ٿا ته جتي انصاف ۽ برابري وڌيڪ آهي، اتي ترقي، امن ۽ سڪون به وڌيڪ آهي ان جي ڀيٽ ۾ اڻبرابري وارو سماج اهو آهي جتي ڪجهه ماڻهو هر سهولت ۽ طاقت رکن ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو محروم رهجي وڃن. اتي طاقت، دولت ۽ جاگيرداراڻي سسٽم ماڻهن جي زندگي جو رُخ طئه ڪن ٿا.

امير امير ٿيندا وڃن، غريب وڌيڪ غريب. تعليم ۽ صحت صرف خاص ماڻهن تائين محدود. هن سماج ۾ روزگار جون موقعا سفارش، پئسي يا طاقت جا محتاج ٿيندا آهن اهڙو سماج ڪنهن به قوم کي پوئتي ڌڪي ٿو۽ نسلن تائين محروميءَ جو سلسلو هلندو رهي ٿو، سماج کي بدلائڻ جي ضرورت ڪيترن سببن ڪري هوندي آهي وقت ۽ حالتن جو بدلجڻ، جيڪا روايت يا قانون 50 سال اڳ ٺهي، اهو شايد اڄ لاءِ مناسب نه هجي. جيڪڏهن امير ۽ غريب جو فرق حد کان وڌي وڃي، ته سماج ۾ نفرت، ڏڪر، تشدد ۽ بيچيني وڌي ٿي.

نئون دور نيون ضرورتون پيدا ڪري ٿو، جن مطابق سماج کي پاڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوي ٿي.جڏهن ظلم وڌي ۽ انصاف گهٽجي وڃي ته تبديلين جي ضرورت وڌيڪ ٿيندي.

سماج ۾ نوجوان پنهنجو مستقبل بهتر چاهين ٿا، ۽ جيڪڏهن سماجي ڍانچو پراڻو هجي، ته جدت آڻڻ ضروري هوندو مطلب  ته سماج کي زنده رکڻ لاءِ تبديلي ضروري آهي، نه ته سماج سنڍ ٿي تباهي ڏانهن وڃي ٿو.

اهڙي سماج کي بدلائڻ ڪو اڪيلي ماڻهو جو ڪم ناهي، پر گڏيل جدوجهد سان ئي وڏيون تبديليون اچي سگهن ٿيون. اهي ڪوششون مختلف ماڻهن کان مختلف طريقن سان ٿينديون آهن، اديب صحافي سياسي ڪارڪن ئي  سماج کي آگاهي ڏين ٿا، مسئلن کي بي نقاب ڪن ٿا، ماڻهن جي سوچ ۾ تبديلي آڻين ٿا.قلم ئي اها طاقت آهي جيڪا ذهني انقلاب پيدا ڪري ٿي. تعليم ماڻهن کي انصاف، مقصد ۽ شعور سيکاري ٿي.

تعليم اهڙو وسيلو آهي جنهن  ذريعي ئي سماج بدلجندو آهي، نوجوان سماج جو سڀ کان وڏو تحرڪ آهن.اهي احتجاج ڪن ٿا، تحريڪون ٺاهين ٿا، جدت، سائنس ۽ نوان تجربا آڻين ٿا.سياسي قيادت قانون، پاليسين ۽ رياستي سسٽم ۾ تبديلي آڻي ٿي.ترقي ڪرڻ لاءِ سٺي حڪمراني ۽ ايماندار قيادت لازمي آهي.جڏهن ته سياسي سماجي تنظيمون  غريبن، عورتن، ٻارن، مزدورن ۽ ڪمزور طبقن جي حقن لاءِ وڙهن ٿيون.سڀ کان اهم ڪردار عام ماڻهن جو آهي.

اهو ماڻهو جڏهن شعوري فيصلا ڪرڻ لڳي ٿو، ته وڏيون تبديليون ممڪن ٿين ٿيون.سماج سنڍ نه ٿيندو آهي اهو انساني ضرورتن، مسئلن، قدرن ۽ وقت جي گهرجن مطابق تبديل ٿيندو رهندو آهي. انصاف ڀريو سماج هر انسان کي باعزت زندگي ڏئي ٿو، جڏهن ته اڻبرابري وارو سماج نفرت، محرومي ۽ ٽڪراءُ پيدا ڪري ٿو. تنهنڪري سماج کي بدلائڻ صرف خواهش نه پر هڪ لازمي ضرورت آهي.هي تبديلي تڏهن ايندي  جڏهن قلم ڌڻي، استاد، نوجوان، سياسي اڳواڻ ۽ عام ماڻهو گڏجي بهتر مستقبل جي خواهش سان جدوجهد ڪن. سماج ان وقت بدلجي ٿو جڏهن ماڻهو پاڻ ۾ تبديلي آڻين ٿا، ناانصافيءَ جي خلاف آواز اٿارين ٿا ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ بهتر دنيا ٺاهڻ لاءِ قدم کڻن ٿا.

سماج جي تبديلي اصل ۾ انسان جي تبديلي آهي۽ انسان جڏهن بدلجي ٿو، تڏهن ئي دنيا بدلجي ٿي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.