اسلام آباد (زاهد حسين) چمني چونڊن ۾ هري پور واري سيٽ سميت ن ليگ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي جيتوڻيڪ اڳ ٿيل چونڊن ۾ ن ليگ ڪامياب نه ٿي هئي. هي چونڊون هڪ طرفيون هيون جنهن ۾ ن ليگ ڪامياب ٿي آهي، ڇو ته پي ٽي آءِ بائيڪاٽ ڪيو هو، پي ٽي آءِ جو بائيڪاٽ ان لاءِ هو ڇو ته اهي سيٽون کانئن کسيون ويون هيون، سندن ميمبرن کي نااهل ڪيو ويو هو. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ راند کيڏي پئي وڃي ته ن ليگ کي پارليامينٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت ڏياري وڃي جنهن سان ترميمون ۽ قانون سازي ممڪن ٿي سگهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪيو وڃي. هاڻي حڪمران اتحاد کي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت ملي چڪي آهي. 26هين ۽ 27هين ترميم کانپوءِ 28هين ترميم به ڪرڻي آهي. ترميمن ذريعي عدليا جي آزادي ختم ٿي چڪي آهي. هائبرڊ رجيم يعنيٰ نه رڳو حڪومت پر اسٽيبلشمينٽ به 28هين ترميم آڻڻ چاهين ٿا. گهڻن پارليامينٽ ميمبرن کي به ان جي خبر ناهي هوندي ته ترميم ۾ ڇا هوندو. الميو اهو آهي ته چيو ويندو آهي ته پارليامينٽ طاقتور آهي پر ان جي ابتڙ پارليامينٽ ميمبرن کي به اها خبر ناهي هوندي ته ترميم ۾ ڇا هوندو، جڏهن ته چوندا آهن ته ترميمون پارليامينٽ پاس ڪيون آهن. پارليامينٽ ڪيتري آزاد آهي؟ ڇو ته ترميمون کين آخري وقت تي ڏنيون وڃن ٿيون. هاڻي جيڪڏهن ن ليگ کي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت لاءِ اتحادين جي ضرورت پوندي ته اهي ضرور ساٿ ڏيندا ڇو ته سڀني جون مقصد ۽ ڪڙيون وڃي اسٽيبلشمينٽ سان ملن ٿيون کڻي بي اين پي هجي يا پيپلزپارٽي. ڇو ته انهن جي رضامندي کانسواءِ هو حڪومت ۾ نٿا رهي سگهن. 28هين ترميم ۾ هائبرڊ رجيم کي وڌيڪ طاقتور بڻايو ويندو، ان ۾ صوبن جي خودمختياري جو معاملو به آهي. ترميمن تي بحث ٿيڻ گهرجي، ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي ترميم اچي رهي آهي. جهڙي نموني ترميم اچي ٿي، ان مان اهو لڳي ٿو ته ان ۾ ڪجهه لڪايو پيو وڃي ۽ ان جو مقصد اهو ناهي ته حالتون بهتر ڪجن، جمهوريت کي اڳتي وڌائجي پر ان جو مقصد اهو آهي ته طاقت کي وڌائجي. نئين ترميم ۾ طاقت مرڪز ڏانهن هلي ويندي. هاڻي اختيار اڃا وڌايا ويندا، جيئن گذريل ترميم ۾ ٿيو ته ٻن شخصيتن کي ڇوٽ ڏني وئي. هائبرڊ رجيم جو سمورو ڌيان پنهنجا اختيار وڌائڻ تي آهي پر اها طاقت جمهوري طريقي سان حاصل نه پئي ڪئي وڃي ۽ اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي.اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ ڏڦيڙ وڌي رهيو آهي، طاقت جو توازن بگڙي چڪو آهي. مرڪزيت ڏانهن ملڪ وڌي رهيو آهي. ٻئي پاسي ملڪ جي حالتن تي ڪنهن جو ڌيان ناهي. اسلام آباد ۾ طاقت جي جنگ هلي رهي آهي ۽ ٻين صوبن ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ بدامني آهي. ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملو خطي جي علامت آهي. تازن حملن جو مثال گذريل 10 کان 12 سالن ۾ نٿو ملي. ڪي پي حڪومت ۽ مرڪز وچ ۾ تڪرار سبب بدامني وڌي رهي آهي. هٿياربندن کي کليو ميدان آهي ته اهي ڪيئن ڪارروائي ڪن ٿا. ڪي پي کانسواءِ بلوچستان جون حالتون به خراب آهن، دهشتگردن جا حملا روز جو معمول بڻيل آهن. اهي شيون طاقت جي زور تي ختم نٿيون ڪري سگهجن. اتي بنيادي مسئلو سياسي آهي. ٻي صورت ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. ڪي پي ۾ عوام جو واسطو رياست سان نٿو لڳي، رياست سان سندن وٿي وڌندي پئي وڃي. ڪو به ملڪ اهڙين حالتن جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ماڻهو ئي گڏ نه هجن. اها رياست جي ذميواري آهي. ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته سڪيورٽي فورسز سندن حفاظت لاءِ آهن. ماڻهو به تنگ ٿيا آهن، دهشتگردي سبب عام ماڻهو متاثر ٿين ٿا پر حڪومت کي احساس ناهي. آوازن ۾ هاڻي وڌيڪ سختي اچي رهي آهي. ڪي پي ۾ ٽڪراءُ وڌندو ته پوءِ ملڪ جو مستقبل ڇا هوندو؟ اهي ئي حالتون بلوچستان جون به آهن. جهڙي نموني حڪومت آئي آهي، ان جا اثر معيشت تي به پيا آهن. معيشت آءِ سي يو ۾ رهي آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ به ڇرڪائيندڙ آهي.