اسلام آباد(نديم ملڪ)اپٽما چيئرمين ڪامران ارشد چيو آهي ته اصل مسئلو هي آهي ته اسان ويهه ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ کي ٽچ ڪيو هو، پوءِ 2022–23 ۽ 2023–24 ۾ اها گهٽجي 16.5 ۽ 16.6 ارب ڊالر تي اچي وئي،هاڻي حالت اها آهي ته 100 کان وڌيڪ ٽيڪسٽائل ملون بند ٿي چڪيون آهن،ٽيڪسٽائل ملون بند ٿيڻ جا بنيادي سبب توانائي جا وڌيل اگهه، بنگلاديش، انڊيا، سري لنڪا، ويٽنام ۽ چين جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ بجلي ۽ گيس سڀ کان مهانگي آهي۔اسان جي وياج جي شرح سڀ کان مٿي آهي،هن چيو ته ٽيڪسيشن سڀ کان وڌيڪ آهي،ڪيترائي ملٽي نيشنل ادارا ٽيڪس پاليسين سبب پاڪستان ڇڏي رهيا آهن،حالت ايتري خراب آهي جو بي روزگاري جا انگ پڻ وڌي رهيا آهن۔مينوفيڪچرنگ ۾ سيڙپڪاري نه ٿي رهي آهي،سرمايو ملڪ مان ٻاهر وڃي رهيو آهي،هن چيو ته ڪرپٽو ڪرنسي جي ڪري به وڏو سرمايو ٻاهر وڃي رهيو آهي۔هر شهر ۾ (ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ملتان، پشاور) هر ٻئي ٽئين مهيني دبئي پراپرٽي ايڪسپو لڳي رهي آهي۔ڪير ڏسندو ته انهن پراپرٽي ايڪسپوز لاءِ پاڪستان مان پئسو ٻاهر ڪيئن وڃي رهيو آهي؟حڪومت جو ڪم آهي ته هُنڊي، حواله، بَدلا تي ڪنٽرول ڪري مني چينجرز ۽ فارن ايڪسچينج ڪمپنين کي منظم ڪري پر اهو ڪم ٿيندو نظر نٿو اچي،هن چيو ته رياست کي جاڳڻ گهرجي.