اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور ڪيا ويا ۽ چيو ويو ته سنڌ پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پ پ ميمبر اسلم عالم نيازي ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سگهه جي سنڌ بابت بيان تي مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ڀارتي بچاءَ واري وزير جو بيان مذمت جوڳو ۽ پاڪستان جي خود مختياري تي حملو آهي، سنڌ پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ ۽ مسلم ليگ (ن) جي چار نون ميمبرن قومي اسيمبلي ۾ رڪنيت جو حلف کڻي ورتو آهي۔ انهن ۾ محمود قادر خان ديري غازي خان، محمد نعمان لاهور، محمد طفيل ساهيوال. دانيال احمد فيصل آباد ۽ بابر نواز 18 هري پور شامل آهن۔