حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، عبدالقادر رانٽو، ڪاشف ملاح ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته رسول بخش پليجي صاحب جي اٺين ورسي ۾ شرڪت ڪري امڪاني 28هين ترميم خلاف ريفرينڊم ڏيندڙ سمورن ڀائرن، ڀينرن، هارين ۽ مزدورن کي مبارڪباد ڏيون ٿا جن مهانگائي، سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ عورتن جي قتلام خلاف سگهارو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سميت پورهيت دشمن منصوبن خلاف ملڪگير جدوجهد جي ضرورت آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارسا وفاق بدران پنجاب جي اشرافيا جو نمائنده ادارو بڻجي ويو آهي، سنڌ جو پاڻي روڪي پنجاب جا ڊيم ۽ فلڊ ڪئنال ڀريا پيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ کي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ۽ تونسا پنجند ۽ چشما جهلم سميت پنجاب جا سمورا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال بند ڪيا وڃن.