ايراني پرڏيهي وزير جا فيلڊ مارشل ۽ ترڪيه جي هم منصب سان رابطا

تهران(عوامي آواز نيوز) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي علائقائي صورتحال بابت فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان الڳ الڳ ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون.عباس عراقچي فرانس ۽  قطر جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ رابطو ڪيو، جنهن دوران اسرائيل خلاف ايران جي ردعمل ۽ علائقي جي تازي صورتحال تي خيال ونڊيو ويو.قطر جي وزيراعظم پڻ ايراني پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثي جي ڪوششن بابت خيال ونڊيا ويا.

نه محاذ ڇڏيو نه ئي ڳالهين جو رستو ڇڏيو آهي:ايراني صدر

تهران(عوامي آواز نيوز)ايراني صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران نه محاذ ڇڏيو آهي ۽ نه ئي ڳالهين جو رستو ڇڏيوآهي.هن چيو ته ايراني قوم جي حقن جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو ۽

ڪنهن به خطري آڏو پوئتي نه هٽبو.مسعود پزشڪيان وڌيڪ چيو ته سندس ترجيح ايران جي سلامتي ۽ پنهنجي عوام جو امن آهي. سفارتڪاري ۽ دفاع قومي طاقت جا ٻه بازو آهن، ايران نه جنگ جو ميدان ڇڏيو آهي ۽ نه ئي ڳالهين جي ميز.ايراني صدر چيو ته اتحاد ۽ دانائي سان ايران هن آزمائش مان به ڪاميابي سان نڪري ايندو.ايران جي اعليٰ فوجي قيادت خاتم الانبيا سينٽرل هيڊڪوارٽر اسرائيل خلاف ڪارروايون روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي.تنهن هوندي به، هيڊڪوارٽر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي حملا، خاص طور ڏکڻ لبنان ۾، جاري رهيا ته ايران اڳ کان وڌيڪ سخت ۽ طاقتور جواب ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.