موجوده دور جي سنڌ جي ڀلوڙ موسيقار ۽ راڳي استاد بادل راهي جي بيماري جي رپورٽ عوامي آواز ۾ شايع ٿي آهي. بدين جي رپورٽر رازق ڏنو کوسي جي خبر موجب استاد بادل راهي پتي ۾ پٿري ٿيڻ سبب مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويو آهي. انهن بيمارين سبب سندس وزن 84 ڪلو مان گهٽجي 50 ڪلو تي پهچي ويو آهي. استاد بادل راهي موجب سندس علاج تي 10 لک روپيا خرچ چيو پيو وڃي جيڪو هو ذاتي طور ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. هن ثقافت کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي ته جيئن هو فن جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهي.
جيڪڏهن استاد بادل راهي پاڻ ثقافت کاتي کي علاج جي اپيل نه به ڪري ها ته اسان سندس علاج لاءِ ضرور سنڌ حڪومت کي وينتي ڪيون ها ڇاڪاڻ ته استاد بادل راهي کي اسان موجوده سنڌي سنگيت جو هڪ قيمتي اثاثو سمجهون ٿا. هن وقت هو انهن چند موسيقارن مان هڪ آهي جيڪو سنڌي موسيقيءَ کي بهترين ۽ سريليون ڌنيون ٺاهي ڏئي رهيو آهي. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي کي اصل ۾ اهڙن فنڪارن جي ئي زندگي بچائڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهڻ گهرجي جيڪي سنڌي سنگيت کي گهڻو ڪجهه ڏئي سگهندا هجن.
استاد بادل راهي اهڙن ئي شاهوڪار موسيقارن مان هڪ آهي جيڪو روز جي بنياد تي نت نيون ڌنون ٺاهڻ جي نه رڳو صلاحيت رکندو آهي پر ان جو عملي اظهار به اهو ڪري چڪو آهي خاص ڪري سنڌ ٽي وي جو پروگرام ”سلام سنڌ“مارننگ شو ان جو وڏو مثال آهي جنهن ۾ هو روز ٽن چئن ڪلامن جون ڌنون ٺاهي پيش ڪندو هو جنهن ۾ سينيئر توڙي جونيئر شاعرن جا ڪلام شامل هوندا هيا. ان پروگرام بي شڪ استاد بادل راهي کي تمام گهڻي مقبوليت ڏياري پر گڏو گڏ هو، اهو پروگرام ڪري سنڌي سنگيت جي لازوال ۽ تابناڪ مستقبل جي اميد به بڻجي دريافت ٿيو هو.اهڙي املهه موسيقار ۽ راڳي جي زندگي کي اسان قومي ملڪيت سمجهون ٿا ۽ قومي ملڪيت کي سنڀالڻ حڪومتن جو ڪم هوندو آهي.
سنڌي موسيقي جي مستقبل جي اها اميد اڄ جڏهن بيمار ٿي پئي آهي ته اهو لازم آهي ته سندس بيماري جي اسان کي ڳڻتي ٿيڻ گهرجي. پنهنجو ته اهو خيال آهي ته سنڌ ثقافت کاتو استاد بادل راهي کي سندس گهرج موجب صرف 10 لک ئي نه ڏئي پر سندس علاج جو مڪمل ذمو کڻي ته وڌيڪ وقتائتي وک چئبي جيڪا استاد بادل راهي سان کڻڻ گهرجي. هي هر لحاظ کان ان جو حقدار آهي.
اسان هميشه ان خيال جا رهيا آهيون ته سنڌ حڪومت کي غريب سنڌي اديبن، فنڪارن، موسيقارن، سازندن، اداڪارن ۽ صحافين جو مفت ۾ مڪمل طور تي علاج ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت فنون لطيفه سان سلهاڙيل فنڪارن، راڳين، اداڪارن، موسيقارن، سازندن وغيره جي علاج لاءِ مخصوص ادارو يا اسپتال قائم ڪري ٿي ته اسان ان کي هڪ يادگار ڪم تصور ڪنداسين هونئن به ڏسجي ته حڪومتن جو ڪم ئي اهو آهي ته اها عوام جي ضرورتن کي محسوس ڪندي انهن جي مفاد ۾ ڪم ڪري. سنڌجو ثقافت کاتو هونئن ته وقت به وقت فنڪارن جي مالي سهائتا ڪندو رهيو آهي ۽ ڪافي فنڪارن کي مالي وظيفو به ڏيندو رهيو آهي پر اها مالي سهائتا ۽ مالي وظيفو هميشه ناڪافي تصور ڪيو ويوآهي. وري اهي به شڪايتون هر دور ۾ ٿينديون رهيون آهن ته ان مالي سهائتا ۾ اصل حقدار محرور رهجي وڃن ٿا. ٻيو ته جڏهن ته ڪو فنڪار يا اداڪار بيمار ٿيندو آهي ته پهريون مطالبو ثقافت کاتي کان ئي ٿيندو آهي ته بيمار فنڪارن ۽ اداڪارن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. جڏهن ته ٻئي پاسي ثفاقت کاتي جو هميشه کان اهو چوڻ هوندو آهي ته اسان جي بجيٽ محدود آهي ۽ يقينن ايئن ئي آهي پوءِ جيڪڏهن ثقافت کاتو پنهنجي بجيٽ ۽ فنڪارن جي معيار کي ڏسندي گهٽ وڌ مالي سهائتا ڪندو آهي ته مٿس تنقيد به ٿيندي آهي. اها به حقيقت آهي ته فنڪارن جي بروقت علاج نه ڪرائڻ يا مالي سهائتا نه ڪري سگهڻ سبب ثقافت کاتو هميشه عتاب جو شڪار به رهندو ايندو آهي.
ان ڪري پنهنجو اهو خيال آهي ته ان مسئلي جو مستقل حل ڪڍيو وڃي. هي مسئلو سنڌ اسيمبلي ۾ اٿارڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌي ادب ۽ سنڌي سنگيت جي اهميت ۽ ضرورت کي سمجهندڙ ڪو سياستدان ايم پي اي سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهڙو آواز اٿاري ۽ ان تي بحث ٿئي ته ممڪن آهي ته سنڌ حڪومت کي مالي سهائتا ۽ وظيفا ڏيڻ بدران فنڪارن ۽ اديبن جي علاج لاءِ مخصوص اسپتال يا ادارو قائم ڪرڻ جي تجويز اچي جتي سڀني فنڪارن ۽ اديبن جو پاڻمرادو مفت ۾ علاج ٿي وڃي. جيئن ڪنهن به فنڪار ۽ اديب جي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي اپيل نه ڪرڻي پوي. ۽ نه ئي ڪنهن جي عزت نفس کي مجروع ڪري سگهجي پر پاڻ کي حيرت آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ موجود ڪنهن به ايم پي اي جو الائي ڇو ان مامري ڏانهن ڌيان ناهي ويو نه ئي ان حوالي ۾ ڪنهن اڳڀرائي ڪري پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته فنون لطيفه جي مجموعي معاملن کي ڏسڻ لاءِ هڪ الڳ وزارت قائم ٿيڻ گهرجي جيڪا فنون لطيفه سان سلهاڙيل شخصيتن جي سڀني مسئلن کي ڏسڻ ۽ حل ڪرڻ جا فرض ادا ڪري. يا وري صوبي جي مختلف شهرن ۾ موجود آرٽس ڪائونسلن کي اهڙي ذميواري سونپي وڃي ته اهي فنڪارن، اديبن، موسيقارن، سازندن جي بيمارين ۾ علاج سميت جملي سندن سڀ مسئلا ڏسي ۽ حل ڪري جيستائين ان پاسي سوچيو وڃي تيستائين جيڪو فوري ڌيان جو معاملو آهي سو استاد بادل راهي جي بيماري جو آهي جنهن جي علاج جو ترت بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن ته ان بهترين موسيقار جي زندگي کي بچائي سگهجي.