حڪومت ۾ بشريٰ بي بي جي مداخلت سبب عمران سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ۾ ناڪام ويو\برطانوي رسالو

لنڊن (ع آ نيوز) برطانوي رسالي چيو آهي ته بشريٰ بي بي جي روحاني اثرن سبب عمران خان پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. پنهنجي رپورٽ ۾ رسالي انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ بشريٰ بي بي اهم سرڪاري فيصلن تي اثرانداز ٿيندي رهي. دي اڪنامسٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ڪردار تي خاص رپورٽ شايع ڪئي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي عمران خان جي ٽين شادي نه رڳو سندس ذاتي زندگي پر ان جي حڪومتي فيصلن تي به گهرا سوال پيدا ڪيا. رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي اهم سرڪاري مقررين ۽ حڪومتي معاملن ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، جنهن سان فيصلن ۾ ”روحاني مشاورت“ جو رخ وڌندو ويو. سينيئر صحافي اوون بينيٽ جونز جي ان رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي روحاني اثرن سبب عمران خان پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. رپورٽ ۾ ڪجهه مبصرن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڳجهي اداري جا ڪجهه ماڻهو ڄاڻ بشريٰ بي بي تائين پهچائيندا هئا، جنهن کي هوءَ عمران خان سامهون پنهنجي روحاني نظر سان حاصل ڪيل ڄاڻ طور پيش ڪندي هئي.رسالي جي رپورٽ موجب اهي سمورا عمل عمران خان جي فيصلي سازي تي اثرانداز ٿيا ۽ حڪومتي معاملن ۾ غير معمولي روحاني اثر جي شڪايتن کي هٿي ملي. رپورٽ ۾ سينئر صحافي اوون بينيٽ جونز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي اهم سرڪاري مقررين ۽ فيصلن ۾ مداخلت ڪندي هئي، جنهن سبب عمران خان جي فيصلن ۾ ‘روحاني مشاورت’ جي عنصر جي موجودگي محسوس ٿيڻ لڳي. ان روحاني اثر جي نتيجي ۾ عمران خان پنهنجي اعلان ڪيل اصلاحاتي ايجنڊا تي عمل نه ڪري سگهيو،

اهو به ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي حساس ادارن جي دلچسپي بشريٰ بي بي ۾ ان جي عمران خان سان ڳجهي  شادي کان بعد ۾ شروع ٿي.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جنرل فيض حميد، جيڪو اڳوڻي انٽيليجنس سربراهه هو، بشريٰٰ  بي بي کي مؤثر طور استعمال ڪري رهيو هو. ان ڪري، بشريٰٰ  بي بي  عمران خان کي اڳواڻ جي حيثيت ۾ وڌيڪ اثرانداز ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي. دي اڪنامسٽ جي رپورٽ ۾ بشريٰ تسڪين، جيڪا ان رپورٽ جي هڪ شريڪ ليکڪا آهي، ٻڌايو آهي ته جڏهن هنن بشريٰٰ  بي بي جي روحاني طاقت ۽ ان جي جادو ٽوڻي بابت معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي ته ان لاءِ ڪيترائي پڇڻ وارا سوال پيدا ٿي ويا.

خاص طور تي، بشریٰ  بي بي  جو روحاني  روپ ۽ عمران خان تي ان جو اثر ان جي حڪومتي فيصلن ۾ نظر آيو. هنن چيو ته بشريٰٰ  بي بي  جو روحاني جادو عمران خان ۽ ان جي حڪومت لاءِ هاڪاري اثر پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ڇو ته ان کي عوامي طور تي ۽ سياسي طور تي ڪو خاص فائدو حاصل نه ٿيو. بشريٰٰ تسڪين جو اهو به موقف آهي ته جيڪڏهن بشريٰ بي بي  وٽ واقعي روحاني طاقت هجي ها، ته عمران خان، ان جي حڪومت، ۽ ان جي پارٽي جو حال مختلف هجي ها.هنن پڻ ٻڌايو ته هڪ طرف بشريٰ بي بي  وٽ روحاني معلومات جي ذريعن تائين رسائي هئي، پر جيڪڏهن ان وٽ سچي روحاني طاقت هجي ها، ته ان جي حڪومت ۾ جو ڪجهه ٿيو، اهو نه ٿئي ها. هنن جو موقف آهي ته هڪ ايٽمي  ملڪ جو سربراهه جيڪو پاڻ کي عوام ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ طاقتور سمجهي ٿو، ان جي حڪومت ۾ جادو ۽ روحانيت جو اثر ٿئي، اهو هڪ ناقابلِ قبول حقيقت آهي.

  1. پي ٽي آءِ پاران برطانوي رسالي خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر  بشريٰ بي بي  خلاف برطانوی رسالي جي آرٽيڪل کي ڪوڙ، شرانگيزي ۽ ڪِردار ڪشي قرار ڏيندي، ان خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا  سان ڳالهائيندي، بيرسٽر گوهر چيو ته هي آرٽيڪل شرانگيزي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. بشريٰ بي بي بهادري ۽ عمران خان جي زال هجڻ جي ناتي جيل ۾ آهن ۽ ان آرٽيڪل جو مقصد صرف بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ جي باني جي ڪِردار ڪشي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان کان پهريان به بشريٰ بي بي خلاف ڪريل الزام لڳايا ويا، جن مان هو بري ٿيون. اهي الزام ڪوڙ ثابت ٿيا، ۽ هي پڻ هڪ من گھڙت ڪهاڻي آهي. اهڙن حربن سان بشريٰ بي بي کي شڪست نٿي ڏئي سگھجي. بيرسٽر گوهر چيو ته جڏهن بشريٰ بي بي جيل ۾ آهن، اهڙي قسم جا آرٽيڪل اچي رهيا آهن، ان جي اسان مذمت ڪندا آهيون. اهڙا آرٽيڪل اسپانسرڊ هوندا آهن ۽ اسان ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين. وقت ثابت ڪندو ته هي ڳالهيون پڻ ڪوڙ ۽ بي بنياد آهن.

  1. رسالي پاران فيض حميد تي بشريٰ بي بي کي استعمال ڪرڻ جو الزام

لنڊن(ع آ نيوز)  برطانوی رسالي  جي رپورٽ میں فیض حمید  تي بشریٰ بی بی کي استعمال کرڻ جو الزام هنيو ويو آهي. دي اڪانومسٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ آءِ ايس آءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو رشتو نه جوڙايو ويو هو پر اهڙا ثبوت موجود آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته ادارو ان تعلق مان فائدو حاصل ڪري رهيو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ ڪجهه سينيئر اهلڪارن، بشمول جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوہ، کي پڻ شڪايت هئي تہ عمران خان پنهنجي زال جي ڳالهين کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. 2019 ۾ ان وقت جي آءِ ايس آءِ چیف جنرل عاصم منير کي عهدي تان هٽائڻ جو تعلق بشريٰ بي بي سان جوڙيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن بشريٰ بي بي جي ڪرپشن جا ثبوت عمران خان جي سامهون پيش ڪيا هئا. دي اڪانومسٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڳواڻ سمجهن ٿا تہ جيڪڏهن ڪنهن کي عمران خان کي فوج سان مصالحت ڪرڻ لاءِ راضي ڪري سگھي ٿو، ته اها بشريٰ بي بي ئي ٿي سگهي ٿي، جيڪا فوج سان مصالحت جي طرف جھڪاءُ رکڻ واري آهن، پر عمران خان جي ويجهن حلقن مطابق، ان جي ڀيڻ عليمه خان ۽ پارٽي جي سخت گير عناصر مصالحت جي خلاف آهن.

  1. بشريٰ بي بي جي اچڻ کانپوءِ عمران جي گهر ۾ عجيب رسمون ٿيون

 لنڊن(ع آ نيوز) برطانوي  رسالي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي اچڻ کانپوءِ عمران خان جي گهر ۾ عجيب و غريب رسمون شروع ٿي ويون، جهڙوڪ عمران خان جي سر جي چوڌاري ڪچو گوشت ڦيرائڻ، روزانو ڪارا ٻڪرا يا ڪڪڙين جون منڍيون قبرستان ۾ اڇلائڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن زنده ڪارا ڇيلا گهرايا ويندا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.