ڊي ريگيوليشن پاليسي جي نتيجي ۾ دوائون 32 سيڪڙو مهانگيون

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ عام استعمال جي 100 کان وڌيڪ دوائن جون قيمتونگذريل سال فيبروري کان سراسري طور 32 سيڪڙو وڌيون، هي واڌ نگران حڪومت جي ڊي ريگيوليشن پاليسي کان پوءِ شروع ٿي، جڏهن ته قيمتن تي لاڳو پابنديون ختم ڪيون ويون هيون، هي فيصلي سرڪاري ادارن ۾ ڳڻتي پيدا ڪئي آهي، دوا ساز صنعت کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي ته قيمتن ۾ ايتري وڏي واڌ ڇو ڪئي وئي، رپورٽ موجب  دوائن  جي قيمتن ۾ هي تڪڙي واڌ نه رڳو عوامي ڪاوڙ کي جنم ڏنو آهي، پر سرڪاري ادارن کي پڻ حيران ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جي توقع هئي ته قيمتن جي آزاد تعين سان مسابقت وڌندي ۽ صارفين لاءِ قيمتون گهٽ ٿينديون، پر نتيجو ان جي برعڪس نڪتو، هي صورتحال هڪ قومي سروي جي ابتدائي رپورٽ مان ظاهر ٿي آهي، جيڪا وزيراعظم جي هدايت تي شروع ڪئي وئي، جنهن جي سبب عوام، اسپتالن ۽ صوبائي صحت کاتي جون شڪايتون هيون ته ادويتن جون قيمتون بي حساب وڌي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.