”موسمياتي تبديلين بابت هر سال هڪ ٽريلين ڊالر سيڙپڪاري ضروري“

منيلا (م ڊ) ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) موجب، ايشيا-پئسفڪ علائقي ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سال 1 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. بينڪ پنهنجي ايشيا-پئسفڪ موسمياتي رپورٽ 2025 ۾ چيو آهي ته ماحولياتي نظام ۾ سيڙپڪاري کان سواءِ خطي جي ترقي ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ مشڪل هوندو. رپورٽ موجب، ايشيا-پئسفڪ علائقو قدرتي وسيلن تي وڏي حد تائين ڀاڙي ٿو، ۽ اهي وسيلا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن. ان ڪري، حڪومتن کي فطرت جي تحفظ کي معاشي پاليسين جو اهم حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ گرين ڊولپمينٽ ۽ فطرت ۾ سيڙپڪاري لاءِ نجي شعبي جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي، ۽ هڪ 10 سالن جو روڊ ميپ پڻ پيش ڪيو آهي، جيڪو ملڪن کي انهن جي مالي ۽ اقتصادي نظامن ۾ فطرت کي ضم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.