اَمر ڀڳت ڪنور رام ، سنڌ جي صوفي فڪر ۽ انسانيت جو پيغام

آفتاب عالم مهر

سنڌ جي سرزمين هميشه محبت، امن، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام ڏيندڙ شخصيتن سان ڀريل رهي آهي. هيءَ ڌرتي فقط تاريخي ماڳن ۽ تهذيبن جي امڙ نه پر روحانيت ۽ انسان دوستيءَ جي درسگاھ  به رهي آهي. سنڌ جي هر ڪنڊ مان صوفي، شاعر، فنڪار ۽ انسان دوست فڪر اڀرندو رهيو آهي، جنهن دنيا کي محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. انهن ئي امر شخصيتن مان هڪ نالو امر ڀڳت ڪنور رام جو آهي جيڪو رڳو هڪ راڳي يا فنڪار نه، پر انسانيت جو علمبردار، محبت جو مسافر ۽ سنڌ جي صوفي فڪر جو جيئرو اظهار هو.

ڀڳت ڪنور رام جو جنم 13 اپريل 1885ع تي ضلعي گھوٽڪيءَ جي شھر ميرپورماٿيلي جي ڳوٺ جروار ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو تاراچند ۽ والدہ جو نالو تيرٿ ٻائي هو. ننڍڙي ٻالڪ ڪنور کي ننڍپڻ ۾ ئي سنت ڪوتارام پنهنجي آغوش ۾ پرورش ڏني ۽ سندس نالو “ڪنور رام” رکيو. هو ننڍپڻ کان ئي سادگي، سچائي ۽ روحانيت جي روشنيءَ سان ڀريل ٻار هو. زندگيءَ جي ابتدا مشڪل حالتن ۾ گذري، هو ٻنيءَ تي ڪم ڪندو ھو، جھار ھڪليندو ھو، نار هلائيندو ھو ۽ بازارن ۾ ڪُهر وڪڻندو ھو، پر دل ۾ موسيقي، عبادت ۽ خدمت جو شوق رکندڙ هو. دنياوي تڪليفن باوجود هن پنهنجي روحاني سفر کي جاري رکيو، ۽ استاد سنت سترام داس کان ڀڳتي موسيقي ۽ صوفياڻو راڳ سکيو. ان علم کي هن انسانيت جي خدمت لاءِ استعمال ڪيو ۽ سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام پهچايو.

امر ڀڳت ڪنور رام جو ڪلام فقط موسيقي نه پر فڪر، فلسفو ۽ انساني وحدت جو آواز آهي. هن پنهنجي راڳ ۾ انسان کي پنهنجي اندر سان ڳنڍڻ، نفرت ختم ڪرڻ ۽ محبت جي راھ اختيار ڪرڻ سيکاريو. هو نانڪ پنٿي فڪر سان جڙيل هو، جيڪو انسانيت جي وحدت ۽ صداقت جو سبق ڏئي ٿو. سندس ڪلام ۾ “ڀڳتي” ۽ “صوفياڻو” رنگ گڏيل صورت ۾ ملي ٿو، جيڪو سنڌي فڪر جو خوبصورت مثال آهي. ڪنور رام جا راڳ جيئن “مارو” ۽ “اڏر وڃ طوطل” اڄ به سنڌ جي ڳوٺاڻن محفلن ۾ ڳايا وڃن ٿا. هو هر محفل جي پڄاڻيءَ تي مارو ڳائي موت جي حقيقت ۽ زندگي جي سچائيءَ جي ياد ڏياريندو هو.

امر ڀڳت ڪنور رام جو لباس، چال ۽ ڳالهائڻ جو انداز به تصوف جي سادگيءَ جو عڪس هو. هن جو چهرو، سندس راڳ ۽ سندس دل انسانيت جي محبت سان ڀريل هئي. هو ذات، مذهب ۽ ڌرم جي ڀيٽ ۾ انسان کي اوليت ڏيندو هو. سندس تعليم اها هئي ته انسانيت سڀني مذهبن کان مٿي آهي، ۽ جيڪو انسان سان محبت نٿو ڪري، سو ڪنهن به عبادت جو حقدار نه آهي. هو چوندو هو ته “جيڪو دل جو صاف آهي، سو ئي ڌڻيءَ جو پيارو آهي.” اهڙي فڪر جي ڪري هن کي نه رڳو هندن پر مسلمانن به عزت ۽ احترام سان ڏٺو. سنڌ جا صوفي، درويش ۽ فقير سندس راڳ ۾ روحانيت محسوس ڪندا هئا.

امر ڀڳت ڪنور رام جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبق “قرباني” آهي. پهريون نومبر 1939ع تي جڏهن هو دادوءَ کان سکر وڃڻ لاءِ ريل ۾ سوار ٿيو، تڏهن رُڪ ريلوي اسٽيشن تي ڀرچونڊي شريف سان واسطو رکندڙ هڪ شخص جانو جلباڻي مذهبي جنونيت ۾ اچي، سندس منهن ڀرڻ واري بندوق سان سيني تي فائر ڪيو. ڪنور رام زخمي حالت ۾ به خاموش رهيو ۽ فقط اھو بار بار چوندو رهيو ته قاتل کي معاف ڪيو، باگڙجي اسٽيشن تائين رت وهڻ سبب دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ويو. سندس اگني سنسڪار 2 نومبر تي ڪئي وئي ۽ سندس آخري آرامگاهه رهڙڪي شريف ۾ آهي، جتي اڄ به ماڻهو سندس نالي سان دعا ڪن ٿا.

رُڪ ريلوي اسٽيشن اڄ به ان واقعي جي گواهي ڏئي ٿي. هيءَ اسٽيشن جيڪا 1898ع ۾ برطانوي دور ۾ انجنيئر ڊيوڊ بونزا جي ڊزائن تحت تعمير ٿي، اڳ تجارتي ۽ واپاري مرڪز هئي.I.V.S.R  "انڊس ويلي اسٽيٽ ريلوي” ۽ K.S.R "ڪلات اسٽيت ريلوي”  جا اکر اڄ به عمارت تي لکيل آهن، جيڪي ان جي تاريخي عظمت جو ثبوت آهن. پر 1 نومبر 1939ع کان پوءِ هيءَ جڳهھ تاريخي سانحي سان جڙيل صوفي قربانيءَ جي علامت بڻجي وئي. سنڌ جي هن خاموش ريلوي اسٽيشن تي امر ڀڳت ڪنور رام جو نالو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ گونجي ٿو.

امر ڀڳت ڪنور رام جو فلسفو، سندس صوفي موسيقي ۽ سندس قرباني سنڌ جي فڪر جو حصو بڻجي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته موسيقي عبادت جو حصو آهي، ۽ جيڪو راڳ ۾ روحانيت ڳولي ٿو، سو ڌڻيءَ سان ويجهو ٿي وڃي ٿو. سندس ڪلام “مارو” زندگيءَ جي بي ثباتي ۽ انسانيت جي ابديت جو عڪس آهي. ڪنور رام جي صوفي سوچ اهو پيغام ڏنو ته دنيا جي سڀني مذهبن جو مقصد هڪ آهي انسان کي انسان سان محبت سيکارڻ.

ڀڳت ڪنور رام جو اثر فقط سنڌ تائين محدود نه رهيو. ڀارت ۾ به سندس مجسما، آشرم ۽ يادگارون اڏيون ويون آهن. سندس هڪ مجسمو انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، ڄامشورو جي ميوزم ۾ رکيل آهي، جيڪو ڀڳت چانڊورام لکنؤ مان ٺهرائي موڪليو، جيڪو سندس پُٽ کڻي آيو ۽ ان موقعي تي خاص تقريب پڻ ٿي هئي. امر ڀڳت ڪنور رام جي وفات کان پوءِ ڄيٺانند هيمنداس سندس ياد ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جڏهن ته تيرٿ وسنت جو ڪتاب “ڪنور” اڄ به ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو.

امر ڀڳت ڪنور رام جي ياد ۾ هر سال 1 نومبر تي ورسي ملهائي ويندي آهي. تاريخي رُڪ ريلوي اسٽيشن تي هزارين ماڻهو، ھندو ڪميونٽي سان گڏوگڏ شاعر، فنڪار، صوفي راڳي، قومي ڪارڪن، صحافي، سماجي شخصيتون ۽ ليکڪ گڏ ٿي سندس روح کي شانتي ڏيڻ لاءِ محفلون رچائيندا آهن. راڳ، ڏيئا، گلن ۽ شعر و شاعري سان ڀڳت ڪنور رام کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي. ھر سال جيان هن سال به امر ڀڳت ڪنور رام جي 86ھين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويندي، اهو ڏينهن نه رڳو سندس قربانيءَ جي ياد لاءِ هوندو آهي پر سنڌ جي صوفي فڪر، رواداري ۽ انسانيت جي قدرن کي نئين سر زندھ ڪرڻ لاءِ هوندو آهي.

امر ڀڳت ڪنور رام سنڌي سماج کي اهو سبق ڏنو ته نفرت جو جواب محبت سان، ۽ ظلم جو جواب صبر سان ڏيڻ ئي سچي انسانيت آهي. هن ثابت ڪيو ته صوفي انسان پاڻ لاءِ نه پر سماج لاءِ جيئندو آهي. سندس زندگيءَ ۾ اهڙا لمحا به آيا، جڏهن هن کي مذهبي تعصب، غربت ۽ بدسلوڪيءَ سان منهن ڏيڻو پيو، پر هن ڪڏهن به دل ۾ نفرت پيدا نه ڪئي.

اڄ جڏهن سنڌ ۾ انتهاپسندي، مذهبي ڪٽرپڻو، تعصب ۽ عدم برداشت وڌي رهي آهي، ته امر ڀڳت ڪنور رام جو پيغام وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو. سندس فڪر ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي صوفي روايت صرف ماضيءَ جي ياد نه پر مستقبل جو رستو آهي. جيڪڏهن هر انسان ڪنور رام جي فڪر مطابق صبر، ايمان، محبت ۽ امن کي اختيار ڪري، ته سنڌ ٻيهر روشني، علم ۽ ڀائيچاريءَ جي ڌرتي بڻجي سگهي ٿي. امر ڀڳت ڪنور رام جي زندگيءَ جو هر پهلو هڪ سبق آهي،  سندن راڳ عبادت بڻجي ويو، سندن موسيقي انسانيت جي خدمت بڻجي وئي، سندن خاموشي انقلاب بڻجي وئي،

۽ سندن قرباني سنڌ جي تاريخ ۾ امر ٿي وئي.

اڄ جڏهن ڪو مسافر رُڪ ريلوي اسٽيشن تي لهندو آهي، ته پراڻي عمارت، ڀڳت ڪنور رام جي ياد، نم جا پراڻا وڻ، تاريخي رڪ ريلوي اسٽيشن جي ڀتين تي لکيل انگريزي اکر ۽ هوا ۾ گونجندڙ خاموشي ڄڻ ٻڌائي ٿي ته “هتي انسانيت جو هڪ علمبردار رت ۾ رڱجي محبت جو مثال بڻيو هو.” امر ڀڳت ڪنور رام سنڌ جو روح آهي، جيڪو صديون گذرڻ باوجود زندھ آهي. سندس پيغام امن، محبت ۽ قربانيءَ جي صورت ۾ هر دور لاءِ نئون درس ڏئي ٿو. سندس نالو سنڌي موسيقي، ادب ۽ روحانيت جي تاريخ ۾ هميشه امر ۽ روشن چراغ بڻجي رهندو، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ پڻ راھ جو رهنما بڻجندو.!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.