ڪراچي(رپورٽر)چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊينگي جي وڌندڙ حالتن بابت هنگامي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پوري صوبي، خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڌندڙ ڪيسز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ سڀني ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، سيڪريٽري بلديات، سيڪريٽري صحت، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز، صحت کاتي ۽ ويڪٽر ڪنٽرول وِنگ جا سينيئر آفيسر شرڪت ڪئي، جڏهن ته صوبن جي سڀني ٽائون مونسپل آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي۔ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ڊينگي ڪيسز ۾ لڳاتار اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هن وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ صحت کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ بلدياتي ادارن جي وچ ۾ ويجهو رابطو ۽ هم آهنگي ضروري آهي۔ هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته سڀني ضلعن ۾ 24 ڪلاڪ فعال ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ڊينگي جي صورتحال جي لڳاتار نگراني ڪئي وڃي ۽ فوري ردعمل کي يقيني بڻايو وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊينگي سرويئلينس، ايمرجنسي ريسپانس ۽ فوميگيشن لاءِ جامع ڪنٽيجنسي پلان تيار ڪرڻ گهرجي۔ هن چيو ته ڊينگي جي سڀني ڪيسن جا انگ اکر روزاني بنياد تي ميڊيا سان شيئر ڪيا وڃن ڪمشنر حيدرآباد ٻڌايو ته لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ ڊينگي جا وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن.
-
حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب فوت ٿيل نوجوان جو والد عدالت پهچي ويو
حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي وڪيل عامر زرداري پاران ڊينگي وائرس سبب فوت ٿيل پنھنجي پٽ حسنين زرداري جي فوتگي بابت عدالت سان رابطو ڪيو ويو، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ داخل درخواست ۾ والد موقف اختيار ڪيو ته 19 آڪٽوبر تي ڊينگي سان متاثر پٽ کي سول اسپتال حيدرآباد آندو، پر صبح 9 وڳي کان شام 3 وڳي تائين ڪنهن به علاج نه ڪيو، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد مارڪيٽ پوليس کي درخواست ۾ ڌر ڄاڻايل ايم ايس سول اسپتال حيدرآباد، رجسٽرار ميڊيڪل وارڊ ٽو ۽ لاڳاپيل ڊاڪٽرن خلاف جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست ۾ ايم ايس سول اسپتال، رجسٽرار ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، ايم ايس ڊاڪٽر علي اڪبر جو چوڻ آهي ته ڊينگي مريضن جي وڏي رش سبب اسپتال ۾ بسترا خالي نه هئا، ڊاڪٽر اقبال شاهه جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته نوجوان جي موت ڊينگي سبب ٿي، جيڪا انتظامي غفلت جو نتيجو آهي.
-
سنڌ حڪومت پاران مڇر مار ڦوهاري جو حڪم،ڪنهن به شهر ۾ عمل نه ٿيو
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا ڪيس وڌڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت طرفان صوبي ۾ مڇرن سبب پکڙجندڙ بيمارين جي تدارڪ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن جاري،سمورن ميئرز، ميونسپل ڪمشنرز، واٽر ڪارپوريشن جي سربراهن ۽ ٻين ادارن کي فوري ڊينگي ۽ مليريا خلاف مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو ته شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اسپري ۽ فوگنگ ڪئي وڃي ٻئي پاسي ڪراچي،حيدرآباد،سانگهڙ،ميهڙ،شهدادڪوٽ،قمبر،کپرو،مٽياري،ٽنڊو الهيار،ٽنڊو محمد خان سميت ڪنهن به شهر ۾ مڇر مار ڦوهارو شروع نه ٿيو.
-
حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب ٻه درجن ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن:سماجي اڳواڻ
حيدرآباد (رپورٽر) سماجي اڳواڻ عمران سهروردي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۽ خاص ڪري حيدرآباد ۾ ڊينگي وائرس تباھي مچائي آهي، حيدرآباد ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، حيدرآباد انتظاميا توڙي سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي لا پرواھي، ڪري وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو وڌي رھيو آهي، اڄوڪي پريس ڪانفرنس جي ذريعي مطالبو ڪريون ٿا ته صحت کاتي جي لاڳاپيل ذميدارن ۽ غفلت جو مظاهرو ڪندڙن انتظاميه جي خلاف سنڌ حڪومت فوري انڪوائري ڪميشن مقرر ڪري عوام جي سامھون حقيقتون آنديون وڃن، ڊينگي کان ڇوٽڪاري لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪري سمورين سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالن سميت ليبارٽرين ۾ فري ٽيسٽ ۽ علاج لاءِ دوارن جو بندوبست ڪيو وڃي.