ٽي ايل پي جون ڌمڪيون: مريم نواز جون سرگرميون محدود،سيڪيورٽي اسٽاف تبديل

لاهور (عوامي آواز نيوز)تحريڪِ لبّيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) خلاف پنجاب حڪومت جي تازين ڪاررواين، آپريشن ۽ ڪريڪ ڊائون کان پوءِ وزيراعظم پنجاب مريم نواز ۽ انهن جي ڪابينا جي ڪيترن ئي وزيرن کي سنگين نوعيت جون ڌمڪيون وصول ٿي ويون آهن۔سرڪاري ذريعن موجب، ٽي ايل پي کي ڪالعدم تنظيم قرار ڏيڻ جي اعلان کان پوءِ حڪومت جي اعليٰ قيادت کي خاص طور تي نشانو بڻايو ويو آهي۔پنجاب حڪومت جي هڪ ذميوار ذريعي، جنهن نالو ظاهر ڪرڻ نه چاهيو، ٻڌايو ته انهن ڌمڪين سبب مريم نواز پنهنجون عوامي سرگرميون محدود ڪري ڇڏيون آهن۔ ان ئي پسمنظر ۾ آءِ جي پنجاب حمزه امان الله کي تبديليءَ بعد وزيراعظم پنجاب جو چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي،ذريعن موجب  سينيئر وزير مريم اورنگزيب کي به ڌمڪي آميز ڪالون ۽ پيغام مليا  آهن، جڏهن⁠ ته صوبائي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري کي سخت ۽ ذاتي نوعيت جون ڌمڪيون مليون آهن، جن کان پوءِ ٻنهي وزيرن پنهنجي سرگرمين ۾ نمايان گهٽتائي آندي آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.