لاڙڪاڻو(ن ع آ) رشيد وڳڻ ۾ پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ يونين ڪائونسل رشيد وڳڻ جي چيئرمين شاهد حسين شيخ جو ٿاڻي ۾ پراسرار نموني گولي لڳل لاش هٿ آيو، پوليس طرفان يوسي چيئرمين جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي کي آپگهات قرار ڏنو ويو آهي، پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، يوسي چيئرمين جي ڀائيٽي ڀائيٽي وڪيل جنيد احمد شيخ ٻڌايو ته صبح جو منهنجو چاچو رشيد وڳڻ ٿاڻي تي ويو هو جنهن کان پوءِ اسان کي اطلاع مليو ته سندس لاش ٿاڻي اندر پيل آهي. هن الزام لڳايو ته منهنجو چاچو سياسي ماڻهو هو، سندس ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس بااثرن سان ملي ڀڳت ڪري چاچي کي قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏئي رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته چاچي شاهد حسين شيخ واري واقعي جي شفاف جاچ ڪري قتل ۾ ملوث قاتلن کي ظاهر ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، پوليس طرفان يوسي چيئرمين جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي کي آپگهات قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ذريعن موجب آپگهات ۾ استعمال ٿيل پسٽل گم آهي، معاملو شڪي بڻجي ويو آهي.