حيدرآباد (رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي نامياري فنڪارا ۽ قومي فڪر واري شخصيت جيجي زرينا بلوچ جي 20هين ورسي اڄ قاسم آباد ۾ ملهائي ويندي، جتي سندس آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ستار رند، نور نبي پليجو، ماهنور ملاح ۽ حسنا راهوجو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته جيجي زرينا بلوچ پنهنجي فن، فڪر ۽ آواز ذريعي سنڌي قوم ۾ سياسي ۽ قومي سجاڳي پيدا ڪئي. هنن چيو ته جيجي زرينا بلوچ مارشل لا ۽ قومي جبر خلاف بهادري سان آواز اٿاريو، عورتن جي برابري ۽ آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ آخري وقت تائين سرگرم رهي. اڳواڻن چيو ته جيجي زرينا بلوچ جو فڪري ۽ سياسي ورثو سنڌ جي قومي جدوجهد لاءِ مشعلِ راهه آهي، جنهن کي زنده رکڻ هر سنڌي جو قومي فرض آهي.