ٽنڊو محمد خان لڳ موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان لڳ شيخ ڀرڪيو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 25 ورهين جو هوٽل مالڪ تيمور مغل مارجي ويو. مورائي ڪالوني ۾ موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن هوٽل مالڪ تيمور مغل تي سڌا فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت  زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو. حملي بعد هٿياربند حيدرآباد روڊ ڏانهن فرار ٿي ويا. پوليس موجب، واقعي بابت شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي اڃا ڪيس داخل نه ٿيو آهي، تيمور مغل جي لاش جو پوسٽ مارٽم سرڪاري اسپتال ۾ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ سندس تدفين اباڻي ڳوٺ علي داد مغل ۾ ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته قتل جا سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.